اسلام آباد ۾ وڪيلن تي تشدد، سکر ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ
مَي 10, 2023
سکر( بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن تي تشدد ۽ انهن کي حراست ۾ وٺڻ خلاف سکر ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ڊسٽرڪٽ بار سکر جي اڳواڻن شفقت رحيم، نثار ملاڻو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حاطي ۾ وڪيلن تي تشدد ۽ گرفتار ڪرڻ ڪنهن به ريت بهتر عمل نه آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ٻڌڻين لاءِ پيش نه ٿيا.