اسلام آباد ۾ وڳوڙ: 3 رينجرز اهلڪار ۽ 2 پي ٽي آءِ ڪارڪن قتل، حڪومت جو گرينڊ آپريشن، علائقو خالي، 450 کان وڌيڪ گرفتار، بشريٰ ۽ گنڊاپور ڀڄي ڪي پي پهچي ويا

نومبر 27, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو + م ڊ) پي ٽي آءِ جا ڪارڪن رنڊڪون ٽوڙيندا ڊي چوڪ پهچي ويا، اسلام آباد ۾ وڳوڙ، 3 رينجرز اهلڪار ۽ 2 ڪارڪن مارجي ويا، فوج مقرر، وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم، باني پي ٽي آءِ ڪارڪنن لاءِ پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته آخري بال تائين وڙهو، پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽندس. تفصيل موجب خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جو قافلو رات دير تائين اسلام آباد ۾ جناح اوينيو تي موجود هو، بشريٰ بي بي پاران علي امين گنڊاپور ۽ ڪارڪنن کي ڊي چوڪ ڏانهن وڌڻ جي هدايت ڪئي وئي، رينجرز پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪڻ بعد ڊي چوڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، پوليس جي واڌو نفري به ڊي چوڪ پهچي وئي، ڪارڪن وقفي وقفي سان ڊي چوڪ ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، اسلام آباد پوليس پاران ڊي چوڪ ويندڙ مظاهرين کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ريلي جي قيادت ڪندڙن کي به گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته احتجاج دوران ڏڦيڙ کان بچڻ لاءِ اسلام آباد ۾ فوج طلب ڪئي وئي، شاهراهه دستور تي پارليامينٽ هائوس سوڌو اهم عمارتن تي فوج مقرر ڪئي وئي، فوج کي شرپسندن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو، وفاقي گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فوج کي امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڪرفيو لڳائڻ جا اختيار ڏنا ويا، آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته شرپسندن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي، قافلن ۾ پرڏيهي به موجود آهن، اُنهن جي نشاندهي ڪري ختم ڪرڻو آهي. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جو قافلو جي 11 ۽ جي 9 وٽان گذريو،  پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي  پوليس شيلنگ ۽ رٻڙ جون گوليون هلائيندي رهي جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪن پوليس مٿان پٿراءُ ، گليلن جو استعمال ڪندا رهيا، پوليس ۽ ڪارڪنن  وچ ۾  سڄو ڏينهن ڇڪتاڻ جاري رهي، شيلنگ جي ڪري وفاقي راڄڌاني ۾ دونهي جا ڪڪر ڇانيل رهيا،  پي ٽي آءِ ڪارڪن قيادت جي قافلي پهچڻ کان اڳ ئي ڊي چوڪ پهچي ويا انهن ڪنٽينر هٽائي ڇڏيا. اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي احتجاجي مظاهري دوران شرپسندن سرينگر هاءِ وي تي رينجرز اهلڪارن تي گاڏي چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ نائڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام ۽ سپاهي شاهنواز شامل آهن. جڏهن ته هڪ رينجرز جو جوان ۽ 2 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته آنسو گيس جي شيلنگ سبب پي ٽي آءِ جا به ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کان  ڊي چوڪ خالي ڪرائڻ بعد ڊي چوڪ  ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾  سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، بي بي سي موجب پي ٽي آءِ جا 5 هزار ڪارڪن جي ايٽ کان ايف سڪس تائين پکڙيل آهن جيڪي گشت ڪري رهيا آهن، پوليس نظر اچي ٿي ته ان تي حملي جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پوليس وارن کي ڀڄائي ڇڏن ٿا، بليو ايريا، ايف سڪس، ايف سيون علائقن ۾ دڪان بند آهن، پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته رينجرز جي فائرنگ ۾ 6 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿيا آهن، هوڏانهن باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته جيستائين مطالبا نٿا مڃيا وڃن پوئتي نه هٽنداسين، عمران جي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ هن پنهنجي ٽيم کي پيغام ڏنو آهي ته آخري بال تائين وڙهو، عمران چيو ته مون کي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل جون ڌمڪيو ڏيندڙن لاءِ پيغام آهي ته جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو، آئون پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽندس. عمران چيو ته جيڪي ماڻهو ڊي چوڪ ناهن پهچي سگهيا اهي به ڊي چوڪ تي پهچن، عمران الزام هنيو ته گهرو وزير محسن نقوي جي هدايتن تي رينجرز ۽ پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن تي نتيجي ۾ پرامن شهري جو موت ٿيو ۽ ٻيا زخمي ٿيا، محسن نقوي کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو، عمران مظاهرين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو ته مظاهري ۾ شامل سمورا پاڪستاني متحد ۽ اٽل رهن.عمران چيو ته سلام آهي پاڪستان جي عوام ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي جيڪي پنهنجي حقن لاءِ بيٺا آهن، پرامن احتجاج ڪيو ۽ ملڪ تي مسلط ٿيل مافيا جي مقابلي ۾ پنهنجي مطالبن ۽ حقيقي آزادي لاءِ ثابت قدم رهيا. منهنجي ٽيم کي منهنجو پيغام آهي ته آخري دم تائين وڙهنداسين، جيستائين اسان جا مطالبا پورا نه ٿيندا تيستائين پوئتي نه هٽندا سين، شهري نه رڳو پرامن هئا پر شيلنگ ۽ فائرنگ ڪندڙ پوليس ۽ رينجرز کي به بچائيندا رهيا. باني تحريڪ انصاف چيو ته اوورسيز پاڪستانين جا به ٿورائتا آهيان جيڪي نه رڳو پاڪستان ۾ موبلائزيشن ڪري رهيا آهن، فنڊ به موڪلي رهيا آهن پر پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ به تاريخي مظاهرا پڻ ڪيا. سوشل ميڊيا وارن کي به گھرجي ته سڄي دنيا ۾ اسان جي مطالبن ۽ پاڪستان ۾ جاري ظلمن کي ڪوريج ڪندا رھن، هي پاڪستان جي بقا ۽ حقيقي آزادي جي جدوجهد آهي.

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي ڊي چوڪ ۾ ڪارڪنن جي اچڻ بعد آپريشن ڪري سمورن ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪري سمورو بليو ايريا خالي ڪرائي ڇڏيو. بشريٰ بي بي ۽ ڪي پي جو وڏووزير علي امين گنڊاپور ڪارڪنن کي ڇڏي هڪ ئي گاڏي ۾ ويهي فرار ٿي ڪي پي ڪي پهچي ويا. مليل اطلاعن موجب ذريعن موجب بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور اوچتو قافلي مان غائب ٿي ويا، ڪارڪن گهڻو وقت انتظار ڪرڻ بعد مايوس ٿيڻ لڳا، انتظاميا ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تان هٽائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ ڪارڪن بليو ايريا ۾ موجود هئا، جيڪي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويا، پي ٽي آءِ جا ڪجهه ڪارڪن زيرو پوائنٽ جي طرف واپس هليا ويا، پي ٽي آءِ ڪارڪن علي امين کي ڊي چوڪ تائين وٺي وڃڻ لاءِ قائل نه ڪري سگهيا، رات جو دير سان پوليس ۽ رينجرز جي 1500 کان وڌيڪ اهلڪارن جي مدد سان سخت آپريشن ڪريو ويو جنهن ۾ ڪارڪنن کان جناح ايونيو ۽ بليو ايريا خالي ڪرايو ويو. ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا ذريعا انهن جو انگ 450 کان وڌيڪ ٻڌائي رهيا آهن. ان ڪليئرنگ آپريشن دوران ان مرڪزي ڪنٽينر کي باهه لڳي وئي جنهن تي بشريٰ بي بي، علي امين گنڊاپور، عمر ايوب ۽ پي ٽي آءِ جي ٻي قيادت موجود هئي. بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جا به اطلاع  ايندا رهيا پر هو ٻئي علي امين گنڊاپور جي گاڏي ۾ سوار ٿي اسلام آباد مان نڪري ڪي پي جي حدن ۾ داخل ٿي ويا. اسلام آباد پوليس جي اسڪواڊ سندن گرفتاري لاءِ گاڏي جو پيڇو ڪيو پر هو فرار ٿي ويا ۽ اسلام آباد پوليس کين گرفتار ڪري نه سگهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڪيسن ۾ گهربل ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ حڪومت اٽڪ پل هڪ ڀيرو وري ڪنٽينر رکي بند ڪري ڇڏي آهي. آپريشن بعد علائقي جو دورو ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڌرڻو هڻڻ وارا سڀ فرار ٿي ويا آهن. ڪپڙا به ڇڏي ويا آهنق ڪابينا جي اجلاس ۾ هن احتجاج ۽ سموري صورتحال ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي تي به غور ڪيو ويندو. هن چيو ته سياسي شخصيتن تي حملا ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي هئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسلام آباد ۾ صورتحال نارم ٿي وئي آهي. ميٽرو سروس ۽ موبائل فون به اڄ بحال ٿي ويندا. اسلام آباد، پنجاب پوليس، رينجرز، ميڊيا ۽ فوج جي مهرباني جن صورتحال تي ضابطو آندو. اسلام آباد ۾ اسڪول سڀاڻي کلي ويندا. اميد ته نئون سج نئين سوچ کڻي ايندو ڪيترا ڀيرا احتجاج ڪندا هاڻ بس ڪن. اسلام آباد جي شهرين کي جيڪي مشڪلاتون ٿيون اهي اسان جي ڪري نه پر ٻين جي ڪري هيون. هن چيو ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور فرار ٿي ويا آهن گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. بشريٰ بي بي عمران جو فيصلو مڃڻ کان به انڪار ڪيو. هن چيو ته ڌونس ڌمڪي سان ڳالهيون نه ٿينديون، هنن جو ڳالهين وارو ڪو رويو نه آهي.

Leave A Comment