| اسلام آباد ۾ ڊانس پارٽين ۽ مساج سينٽرن خلاف وٺ پڪڙ: 21 نينگرين سميت 61 ڄڻا گرفتار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ ڊانس پارٽين ۽ مساج سينٽرن جي نالي تي هلندڙ فحاشي جي اڏن خلاف پوليس ڪارروائي ڪندي 21 ڇوڪرين سميت 40 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو۔ اسلام آباد شاليمار ٿاڻي جي پوليس هڪ ئي رات دوران 5 ڇاپا هڻي 21 ڇوڪرين ۽ 19 مردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ اسلام آباد پوليس جي ترجمان مطابق ابوظهبي ٽاور، روز پيلس، ۽ نيچرل راڪس نالي مساج سينٽرن ۾ جسم فروشي جو ڪم هلندڙ هيو. رهاشي فليٽن ۾ جسم فروشي جو ڪاروبار ڪندڙ علي ملڪ نالي مک جوابدار فرار ٿي ويو آهي. ترجمان موجب گرفتار ٿيل ماڻهن اعتراف ڪيو ته ڊانس پارٽين ۽ مساج سينٽرن جي آڙ ۾ جسم فروشي جو ڪاروبار ٿي رهيو هو. ٻئي طرف گرفتار ٿيل ڇوڪرين جو چوڻ هو ته علي ملڪ نالي شخص 4 هزار رپيا اهڙو ڪم ڪرائيندو هو۔ گرفتار ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن خلاف ٿاڻي شاليمار ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن۔