| اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ڊزائن تيار، 32 هزار جي گنجائش |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پهريون باقاعده ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهڻ وارو منصوبو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سي ڊي اي اختيارين ۽ ڪنسلٽنٽس اسٽيڊيم جي ڪانسيپٽ ڊيزائن پيش ڪئي. اسٽيڊيم سيڪٽر ڊي 12 ويجهو مارگلا جابلو سلسلي جي ڀرسان ٺاهيو ويندو. نئين اسٽيڊيم ۾ اٽڪل 32 هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هوندي. عام شهرين لاءِ لڳ ڀڳ 10 هزار گاڏين جي پارڪنگ اسٽيڊيم کان هڪ ڪلوميٽر پري ٺاهي ويندي. منصوبي کي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي طرز تي تيار ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، پي سي ون جنهن جي پهرين لاڳت 12 ارب رپيا هئي، هاڻي نظرثاني ڊيزائن کانپوءِ اٺ ارب رپين تائين ڪئي وئي آهي. منصوبي تي ايندڙ هفتي ٻيهر اجلاس ٿيندو، جنهن کانپوءِ ٽينڊرنگ وارو عمل شروع ڪرڻ لاءِ سي ڊي اي کي حتمي منظوري ڏني ويندي. اڏاوتي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ منصوبو لڳ ڀڳ ٻن ورهين ۾ مڪمل ٿيندو.