اسلام آباد ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو: گهوٽ، ڪنوار سميت 8 ڄڻا فوت، 11 زخمي: 4 گهر ڊهي پٽ

اسلام آباد ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو: گهوٽ، ڪنوار سميت 8 ڄڻا فوت، 11 زخمي: 4 گهر ڊهي پٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي سيڪٽر جي 7 ٽو ۾ شادي وارو گهر ماتم ۾ تبديل ٿي ويو. گيس ليڪيج ڌماڪي سبب چار گهر مڪمل طور تي ڊهي پٽ ٿي ويا. گهوٽ، ڪنوار سميت 8 ماڻهو فوت ٿي ويا. شادي واري گهر ۾ خوشين بجاءِ ماتم ڇائنجي ويو. هر طرف دانهون، ڪوڪون ۽ رڙيو ڇائنجي ويون. اسلام آباد جي سيڪٽر جي 7 ٽو ۾ ڪالهه صبح شادي واري گهر تي قيامت وارو منظر نظر آيا. گيس ليڪيج سبب زور دار ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي م چار گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. ملبي ۾ دٻجڻ سبب گهوٽ شيري حنيف، ڪنوار مهڪ، امڙ حوران بي بي، سنيل، نعيم، وسيم، ثاقب سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته 11 ڄڻن جي زخمين جا اطلاع مليا، زخمين ۾ ڪاشف، سمي، منشا، عامر، مريم، عنائيه، فرزانه ۽ ٻيا شامل آهن. شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، رڙين، دانهن ۽ سڏڪن جي آوازن سبب علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.. چيئرمين سي ڊي اي محمد علي رنداوا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صبح 7 لڳي 20 منٽن تي ڌماڪي جو اطلاع مليو، ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي، واقعي واري هنڌ کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي۔ فرانزڪ ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ سمورا ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف  ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل صاحبزاده يوسف چيو آهي ته گئس سلينڊر ڌماڪي سبب 8 انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون آهن. جڳهه ڪرڻ سبب ملبي هيٺان ريسڪيو آپريشن کان پوءِ مجموعي طور 19 ماڻهن کي ڪڍيو ويو. 19 مان 11 ماڻهو زخمي ۽ 8 ڄنا فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڌماڪي متعلق جاچ جاري آهي، ڌماڪو گيس سلنڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو يا گيس ليڪيج سبب، ان جو تعين ڪيو پيو وڃي. گئس ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويل گهوٽ شيري جي والد حنيف مطيع چيو آهي ته پٽ جي شادي هئي، رات ڄڃ وٺي آياسين، منهنجو سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي. منهنجو پٽ اُن جي زال، منهنجي گهر واري ۽ وڏي ڀاڄائي جي حادثي م فوت ٿي ويا آهن. منهنجي ڌيءَ ۽ ٻيا گهر ڀاتي اسپتال ۾ آهن. وڌيڪ ڳالهائي نٿو سگهان.

اسلام آباد: صدر، وزيراعظم، اسپيڪر قومي اسيمبلي، وفاقي گهرو وزير، آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان تعذيت ڪئي آهي ۽ زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي جاچ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته فوتين جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. آءِ جي اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي پمز اسپتال پهچي گيس ليڪيج ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت ڪئي۔ هن زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي. آءِ جي اسلام آباد فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي.