اسلام آباد ۾ گرفتار 284 پرڏيهي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ۾ گرفتار 284 پرڏيهي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آن لائن فراڊ ۽ فحش مواد ٺاهيندڙ غيرملڪين جي گرفتاري جو معاملو آن لائن فراڊ ۽ فحش مواد ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار سمورن 284 غيرملڪي شهرين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي پلازا کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو. گذريل ڏينهن غيرملڪين جا ويزا منسوخ ڪري کين خاص پرمٽ جاري ڪئي وئي. ذريعن موجب سمورن غيرملڪين کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ اڊيالا جيل منتقل ڪيو پيو وڃي. سمورن 284 غيرملڪي شهرين کي 15 ڏينهن اندر پاڪستان مان واپس موڪليو ويندو. گرفتار غيرملڪي شهرين کي اسلام آباد جي هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي مان گرفتار ڪيو ويو هو. گرفتار ماڻهن ۾ اڪثريت ويٽنام، انڊونيشيا ۽ چين جي شهرين جي آهي. گرفتار غيرملڪين مان اڪثر سياحتي يا وزٽ ويزا تي پاڪستان آيا هئا.