| اسلام آباد ۾ گرفتار 650 پرڏيهين جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪال سينٽرن تان گرفتار ڪيل 650 پرڏيهين کي فارن بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيل سمورا پرڏيهي ٻيهر پاڪستان اچي نه سگهندا. غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث پرڏيهين جي مقامي رابطن ۽ سهولتڪارن بابت پڻ جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پرڏيهي وزارت ذريعي انهن پرڏيهين جي ملڪن کي پڻ سندن ڏوهن ۽ غيرقانوني سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. گرفتار پرڏيهي پاڪستان ۾ فراڊ، بليڪ ميلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئا. جاچ دوران اهو پڻ سامهون آيو ته جوابدار آن لائن لائيو فحش مواد عالمي سطح تي وڪرو ڪرڻ ۾ به ملوث هئا.