اسلام ڪوٽ لڳ ٻن ڳوٺن ۾ باهه، 70 گهر مڪمل رک، 10 ڍور ۽ گاڏي به سڙي ويا

اسلام ڪوٽ لڳ ٻن ڳوٺن ۾ باهه، 70 گهر مڪمل رک، 10 ڍور ۽ گاڏي به سڙي ويا

اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ تعلقي جي ٻن ڳوٺن ۾  خوفناڪ باھ لڳڻ جا واقعا پيش آيا جنهن ۾َ پورهيتن جا  70 جي لڳ ڀڳ گهر سڙي رک ٿي ويا انهي سلسلي ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ڳوٺ  منهتار ۾ گهرن کي اوچتو  باهه وڪوڙي ويئي جنهن سبب 30 کان مٿيي  پورهيتن جا  گهر سڙي رک ٿي ويا جن ۾  دوست علي ويسر ممتاز ويسر، بلال ويسر، جمال، ڀورو، جلال، مٺن، پنهل، نصير سنگراسي، سردارو، سلطان، ماڻڪ، آدم ، صمد، سرور، حڪيم، لاکو، علي نواز، سبحان علي، قائم، اميد علي، سڀ سنگراسي، هاٿي ميگهواڙ، ساجن ميگهواڙ ۽ ٻيا شامل آهن باھ سبب  گهرن ۾ پيل سمورو الھ تلھ  سميت سڙي رک ٿي ويو ٻه ٻڪريون پڻ سڙي ويون  جڏهن ته لڳ ڀڳ  ساڳئي ئي وقت اسلام ڪوٽ جي ٻئي   ڳوٺ ڳوڙھيار ۾ اوٺا برادري جي گهرن کي اوچتو ڀاھ وڪوڙي ويئي جنهن ۾ 35 کان مٿي پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا جڏهن  ته ھڪ لانگ جيپ سميت 10 چوپايو مال ٻڪريون ڇيلا ۽ ھڪ اٺ  پڻ سڙي ڪوئلو   ٿي ويا،انهي سلسلي ۾  متاثر ڳوٺاڻن  موجب اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو دير  سان پھتو جنهن سبب نقصان وڌيڪ ٿيو.باھ سبب گهرن ۾ موجود لکين روپين جو اناج سون ۽ چاندي جا  زيور کٽ بسترن سميت سمورو الھ تلھ سڙي ڪوئلو ٿي ويو ڳوٺاڻن موجب باھ جي شدت تيز هئڻ سبب صرف پنهنجن ٻچن کي بچائي سگهاسين باقي گهرن ۾ پيل سڀ ڪجھ سڙي ڪوئلو ٿي  ويو آهي علائقي واسين موجب ٻنھي ڳوٺن ۾ 70 جي لڳ ڀڳ گهر جن ۾ سوين ڪکاوان چونئرا لانڍيون ۽ واڙون سڙي رک  ٿيون ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي،باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي باھ متاثر سخت گرمي ۾  کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ڪنهن به سندن سار نه لڌي آهي
 

سانگهڙ ويجهو بجلي جي تارن مان باھه، 11 گهر رک

سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو بجلي جي تارن مان باھ، 11 گهر سڙي رک، ان ڏس ۾ سانگھڙ ويجھو ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي ۾ باھه جو واقعو پيش آيو، جنهن سبب استاد امين لغاري، عبدالحفيظ لغاري ،خليل احمد لغاري، استاد اعجاز لغاري، مرحوم الهڏنو لغاري، رياض احمد، فياض احمد، اعجاز ولد حليم، احسان علي، عبداغني ۽ اشفاق احمد سميت سمورن جا گھر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ گهر ۾ استعمال ٿيندڙ سامان، گاڏين جا ڪاغذ، هٿيارن جا لائسنس سڙي ويا باھ متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل هئا