| اسلام ڪوٽ ويجھو ڳوٺ ۾ باهه، ٽي گهر سڙي رک |
اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ساجواڻي ۾ گذريل ڏينهن اوچتو باهه لڳڻ سبب ٽي گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا. باهه جي واقعي ۾ آنٻو، کيتو ۽ ڀمرو جي گهرن ۾ پيل زندگي ڀر جي ڪمائي خاڪستر ٿي وئي، جنهن ۾ برتن، زيور، بسترا، اناج، مال جو چارو ۽ ٻيو گهريلو سامان شامل آهن، جڏهن ته باهه لڳڻ جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن. واقعي بعد متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور آهن ۽ سخت سردي سبب ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. متاثر خاندانن پاران سرڪاري ادارن، سماجي تنظيمن ۽ مخير حضرات کان فوري امداد ۽ واهر جي اپيل ڪئي وئي آهي