اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول خلاف عورتن ۽ مردن جو 10 ڪلاڪ ڌرڻو، هاءِ وي بلاڪ

ڊسمبر 23, 2024

اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ناانصافين خلاف عورتن ۽ مردن جو 10 ڪلاڪ ڌرڻو، هاءِ وي بلاڪ، ايندڙ ڌرڻو ملاڻي هائوس ۽ ڊي سي آفيس آڏو هڻڻ جو اعلان، احتجاج جي رد عمل ۾ٿرڪول انتظاميه پاران ڳوٺن ۾ 25 اسڪول، 5 اسپتالون، پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ 21 ريورس اوسموسس پلانٽ ۽ 2 هزار گهرن ۾ سولر لڳائڻ جي دعويٰ خبر موجب ٿرڪول بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ناانصافين خلاف متاثر ڳوٺن ڳوڙاڻو، ڌڪڙچو، نيو سينهري درس، وروائي، تلوايو، ٿاريو هاليپوٽا، جيئندو درس، ٿاريو هاليپوٽا، ٻٽڙا، ڄامن سمون، تلوايو، کاريو، غلام شاهه ۽ ٻين ڳوٺن جي هزارين ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن سميت اسلام ڪوٽ ۾ سي پيڪ روڊ تي صبح  ٿيندي ئي ڌرڻو هڻي رستو بلاڪ ڪري ڪيو ويو هو، جيڪو ڪالهه صبح جو11 وڳي کان رات جو 9 وڳي تائين 10 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، بي آءِ ايف فورم ۽ ڌرتي ڌڻي فورم جي سڏ تي اڳواڻن سورومل ڀيل، ڀيمراج ميگهواڙ، ليلارام ميگهواڙ، لڇمڻ ميگهواڙ، پهلاج ڀيل، نرمل ڀيل، ايم بي سومرو، نبي بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن، عورتن، مردن ۽ ٻارڙن سميت باءِ پاس روڊ تي ڌرڻو هڻي ٿرڪول بلاڪ ون، بلاڪ ٽو ۽ ننگرپارڪر سميت ٻين سوين ڳوٺن طرف ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، احتجاج ڪندڙن پاران ٿرڪول جي آڙ ۾ تباهي نامنظور، ڪوڙي ترقي نامنظور، ٿر اُجاڙڻ بند ڪريو، جهڙا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، جڏهن ته هلندڙ احتجاج ۾ ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو، اعجاز بجير ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻ ميرمحمد بليدي پاران يڪجهتي طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته احتجاج ۾ نوڪري مان فارغ ڪيل ڊمپر ڊرائيور عورت موھني ٻائي سميت ڪيترن ئي برطرف ٿيل ملازمن به شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٿر ڪول بلاڪ ون بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جون ناانصافيون وڌي رهيون آھن، اسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، ڪمپنين مختلف ڳوٺاڻن سان روزانو نوان ڊراما ڪري تذليل ڪرڻ ۾ڪا به قصر نه ڇڏي آھي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪمپنين جو نعرو آھي ته ”ٿر بدليگا پاڪستان بدليگا“ جڏھن ته ٿر جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن، ماڻھن جو روزگار ختم ٿي ويو آھي، ٿر ڪول جي ڪري وڻ ٽڻ زمينون تباهه ٿيڻ سان گڏ ماحولياتي گدلاڻ وڌڻ ڪري مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آھي، هنن ڳالهائيندي چيو ٿر ڪول منصوبن جي مڪمل رائلٽي ٿر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خرچ ڪري ٿر لينڊگرانٽ پاليسي جوڙي ٿرڪول منصوبي ۾ متاثر ٿيندڙ زمينن جي خريداري ڪرڻ بدران ليز پاليسي جوڙي وڃي، ٿر ڊولپمنٽ اٿارٽي قائم ڪري ٿر جي زراعت ۽ چوپايو مال جي تجارت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ زراعت جا تحقيقي ادارا قائم ڪري ٿر جي هارين ۽ ڀاڳين جي فلاح بهبود لاءِ پروگرام رکيا وڃن، هنن چيو ته گوڙاڻو ۽ ڌڪڙڇو ڊيم ايريا ۾ متاثر سڀني ڳوٺن لاءِ واضع پاليسي جوڙي ڳوٺاڻن جا خدشا ختم ڪري متاثر ٿيندڙ زمين خريد ڪرڻ بدران ليز تي ورتي وڃي، ٿرڪول.منصوبن دوران ماحولياتي گدلاڻ سبب ٿيندڙ نقصان انساني صحت، چوپايو مال ۽ جهنگلي جيوت جي بچاءُ لاءِ واضع پاليسي جوڙي وڃي، هنن چيو ته ٿرڪول ڪمپنين طرفان ٿر جي بهتري، ترقي ۽ ڀلائي لاءِ جيڪي به پروجيڪٽ هلي رهيا آهن، اُنهن جي مڪمل ڄاڻ ڏيڻ، اُن پروجيڪٽن بابت ڪاميٽي ٺاهي ٿر جي ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي ۽ ٿرفائونڊيشن ۾ ٿر جي مقامي ماڻهن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وڃي، ٿرڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ۽ روزگار ڏئي بليڪ لسٽ ٿيلن کي واپس لڳايو وڃي، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين تباهي کانسواءِ ڪجھه ناهي ڏنو، اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ وڏي تباهي اچي رهي آهي،پر ڪمپنيون ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ به ڪي قدم ناهن کڻي رهيون، اسان متاثر اڄ به دربدر آهيون جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، اُنهن مان ڪنهن هڪ تي به عمل ناهي ٿي سگهيو، متاثر ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ ٻارين ٻچين هن ايڏي وڏي سرديءَ ۾ روڊن تي دربدر آهن پر ڪنهن کي ڪو احساس ڪونهي، احتجاج ڪندڙن پاران 10 ڪلاڪن جي احتجاج بعد پاڻمرادو ڌرڻو ختم ڪيو ويو،ڳوٺاڻن پاران ايندڙ ڌرڻو پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي بنگلي ۽ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته متاثرين جي ڏھن ڪلاڪن واري احتجاج باوجود انتظامي طور ڪو به عملدار ڳالهين نه آيو، هوڏانهن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ ڀيمراج ميگهواڙ چيو ته اسان جلد پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۽ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين، نمائيندا ڪمپنين سان مليل آهن، جيڪي اسان جي ڳالھه نه ٿا ٻُڌن، هن چيو ته چونڊيل نمائيندا نٿا چاهين ته اسان جا مسئلا حل ٿين، هن چيو ته اسان سخت سردي ۽ ٻارڙن عورتن کي پريشان ڏسي احتجاج ختم ڪيو آهي، باقي ڪنهن به اسان سان ڳالهيون ناهن ڪيون، ٻئي طرف سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي ميڊيا ترجمان پاران جاري ڪيل وضاحتي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسان ٿر جي ڳوٺن ۾ 25 اسڪول، 5 اسپتالون، پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ 21 ريورس اوسموسس پلانٽ ۽ 2 هزار گهرن ۾ سولر لڳايا آهن، مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ بنيادي سهولتون ڏيڻ جي اداري جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.

Leave A Comment