| اسمگلرجاساٿاري؟ ڪراچي جي7 ايس ايچ اوز سوڌو22 اهلڪار معطل |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جا ڪرپشن، اسمگلنگ ۽ غيرقانوني ڪمن جي الزام هيٺ 7 ايس ايچ اوز سميت 22 اهلڪار معطل، ايڊيشنل آئي جي آزاد خان طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪياماڙي ضلعي جي 5 ايس ايچ اوز، ڊي آءِ بي انچارج سوڌو 22 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرائي انڪوائري جوحڪم ڏنو ويو آهي، معطل ٿيلن ۾ ايس ايچ او نيو ڪراچي قمر جاويد ڪياني، ايس ايچ او موچڪو انسپيڪٽر ملڪ فيصل لطيف، انسپيڪٽر احسن احمد چنا، ايس ايچ او مدينا ڪالوني،. انسپيڪٽر خالد رفيق، ايس ايچ او بلديا انسپيڪٽر سيد فراست شاهه ،ايس ايچ او اتحاد ٽائون انسپيڪٽر نفيس الرحمان، ايس ايچ او نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا انسپيڪٽر رضوان قريشي، ڊي آءِ بي انچارج ڪياماڙي اي ايس آءِ عابد حسين، وڏ منشي بلديا اي ايس آءِ فردوس ملڪ، وڏ منشي موچڪو اي ايس آءِ عبدالماجد، وڏو منشي نيو ڪراچي هيڊ ڪانسٽيبل حسن عزيز، هيڊ ڪانسٽيبل هارون رشيد، هيڊ ڪانسٽيبل محمد افان، سپاهي حارث اقبال، محمد سفيان، محمد دانش اسلم، محمد ارسلان، هارون بختيار، دانيال خان، اسامه ملڪ، محمد عثمان، اعجاز احمد شامل آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب معطلي دوران سمورن اهلڪارن کي سندن لاڳاپيل زونل پوليس هيڊڪوارٽرز (سائوٿ، ويسٽ ۽ سيڪيورٽي) ۾ حاضري ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جتي اهي روزانو رول ڪال ۽ پريڊ ۾ شرڪت ڪندا، پوليس اختيارين موجب، جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي