اسيمبليون 11 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو اشارو، چونڊون نومبر ۾ ٿينديون

جُولاءِ 11, 2023

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف نومبر ۾ چونڊن جو اشارو ڏيندي چونڊ مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، نوازشريف پاڪستان ۾ اهم پارٽي اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطا ڪيا آهن

 ذريعن طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته موجوده حڪومت 11 يا 12 آگسٽ تي ختم ڪئي ويندي، نوازشريف طرفان پنجاب ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست ۽ چونڊ اتحاد تي اهم فيصلن جو امڪان آهي، پنجاب ۾ 30 سيڪڙو نوان چهرا ميدان ۾ لاٿا ويندا، ٽڪيٽن جي ورهاست جو مرحلو آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو

سعودي عرب ۾ نوازشريف جي ملڪ واپسي جي حتمي تاريخ طئي ڪرڻ جو عمل جاري آهي، اڳوڻي وزيراعظم جون اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ مشاورت به جاري آهي

ٻئي طرف نواز شريف جي لنڊن وڃڻ جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي هاڻ هو لنڊن مان دبئي واپس ايندو جتي هو مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو ۽ کيس پ پ سان ٿيل ڳالهين بابت اعتماد ۾ وٺندو

هوڏانهن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسيمبليون 13 آگسٽ بدران 11 آگسٽ تي ٽوڙي سگهجن ٿيون

 نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عدم اعتماد جي ڪاميابي وقت به ن ليگ جو موقف هيو ته اليڪشن ۾ وڃڻ گهرجي، ن ليگ ڪليئر آهي ته وقت تي اسيمبلي تحليل ۽ اليڪشن ٿيڻ گهرجي

 وفاقي گهرو وزير چيو ته ضروري ناهي ته اليڪشن 90 ڏينهن بعد ئي ٿئي، 64 ڏينهن بعد به ٿي سگهي ٿي، اسيمبليون 13 آگسٽ بدران 11 آگسٽ تي ٽوڙي سگهجن ٿيون

 هن چيو ته 9 مئي واقعي جو آرڪيٽيڪٽ عمران خان آهي، اهو سڌيءَ ريت ملوث آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پهرين چيو ته 9 مئي واقعو ايجنسين ڪرايو، هاڻي چوي ٿو واقعو حڪومت ڪرايو

سندس چوڻ هو ته جيڪو انهن جو منصوبو هيو، حملو ڪري ملڪ تي قابض ٿيڻ پيا چاهين پر عوام نه نڪرڻ سبب ناڪام ٿي ويا، جن جي ذهن سازي ڪئي وئي هئي، اهي 9 مئي واقعي ۾ شامل ٿيا، باقي عام عوام ٻاهر نه نڪتو، دفاعي هنڌن تي حملو ڪندڙ شرپسند اهي هئا، جن جي ذهن سازي ڪئي وئي هئي

 وفاقي وزير چيو ته جيڪو سرڪشي ڪندو آهي، ڪامياب ٿئي ته ان جو فائدو ٿيندو آهي، ٻي صورت ۾ مخالف جو فائدو ٿيندو آهي

هن چيو ته 9 واقعي جي شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو پيو وڃي، انهن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، سڄي واقعي جو آرڪيٽيڪٽ عمران خان آهي، اهو سڌيءَ ريت انهن واقعن ۾ ملوث آهي

 دبئي ۾ ميٽنگ بابت پڇيل سوال تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته دبئي ۾ ٿيو ئي ڪجهه نه، معمول جي هڪ ميٽنگ هئي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي شيڊول ميٽنگ نه هئي

Leave A Comment