اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
ايمان مزاري ۽ علي وزير کي جلسي دوران رياست مخالف تقريرون ڪرڻ ۽ ماڻهن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو
اڳوڻي ايم اين اي علي وزير ۽ ايمان مزاري کي دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش ڪيو ويو
علي وزير کي منهن تي ڪپڙو وجهي عدالت آندو ويو، علي وزير روسٽرم تي اچي چيو ته اسان جي جلسي ۾ ڪا به غلط ڳالهه نه ٿي
علي وزير دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج کي غلطي سان اسپيڪر چيو، جج ابوالحسنات چيو ته ڪا ڳالهه ناهي، مان به ٻڌي رهيو آهيان توهان مون کي اسپيڪر چئي سگهو ٿا، هي ملڪ آهي ته اسان آهيون
پراسيڪيوٽر پاران ٻنهي جوابدارن جي 10-10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي 3-3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو