| اسٽار فٽ بالر رونالڊو پاران رٽائرمينٽ ٿيڻ جو اعلان، مداح اداس |
ڪراچي(اسپورٽس نيوز) فٽ بال جو وڏو نالوڪرسٽيناو رونالڊو فٽبال تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مستقبل ۾ خاندان سان وڌيڪ وقت گذارڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اهڙي اعلان سان مداح اداس ٿي ويا، عالمي فٽبال اسٽار ڪرسٽيناو رونالڊو تصديق ڪندي چيو آهي ته هو جلد فٽبال تان رٽائر ٿي ويندو، 40 سالن جو رونالڊو فٽبال جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪرڻ وارو ڪردار سمجهيو وڃي ٿو، هو اعتراف ڪري ٿو ته پنهنجي شاندار ڪيريئر جو اختتام ڪرڻ سندس لاءِ تمام ڏکيو هوندو، پر ان فيصلي جي تياري ڪيترن سالن کان ڪئي هئي.ال نصر جو اسٽرائيڪر ۽ فٽبال جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گول ڪرڻ وارو رانديگر، رونالڊو وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي رٽائرمنٽ کانپوءِ جي زندگي بابت سنجيده آهي. رونالڊو هن وقت 952 گولز سان ڪلب ۽ قومي ٽيم جي تاريخ جو سڀ کان وڏو گول اسڪورر آهي، گذريل مهيني هن چيو هو ته هو 1,000 گولز جو هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ فٽبال کي الوداع چئي ڇڏيندو
، هڪ انٽرويو ۾ رونالڊو چيو: ته مون 25، 26، 27 سالن جي عمر کان ئي پنهنجي مستقبل جي تياري شروع ڪري ڇڏي هئي، ۽ مان سمجهان ٿو ته مان ان دٻاءُ کي برداشت ڪري سگھندس. فٽبال ۾ گول ڪرڻ جو جيڪو ايڊرينالائن هوندو آهي، ان جي ڀيٽا ڪنهن سان به نٿي ٿي سگهي. رونالڊو جو رٽائرمنٽ فٽبال دنيا لاءِ هڪ وڏو نقصان سمجهيو ويندو