| اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي ويو: آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيندو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ نئون مالي معاهدو طئي ٿي ويو، جنهن تحت پاڪستان کي وڌيڪ 1.2 ارب ڊالر ملندا، هي رقم آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري کانپوءِ جاري ڪئي ويندي. پڌرائي موجب آءِ ايم ايف پاران پاڪستان تي ٽيڪس نيٽ وڌائڻ، خرچ ۽ سبسڊي گهٽائڻ تي زور ڀريو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان جي معاشي ۽ سڌارن جي پروگرام تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب معيشت لاءِ خطرن ۽ توانائي جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي وڌڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. آءِ ايم ايف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، مارڪيٽ جو اعتماد پڻ بحال ٿيڻ لڳو آهي ۽ ناڻي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي. آئي ايم ايف چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب معيشت کي خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا، حڪومت طرفان مالي خسارو گهٽائڻ، ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ خرچن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڌارا جاري آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌايو ويو آهي ته جيئن غريب طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائي سگهجي، ٽارگيٽيڊ امداد ۽ نقد ادائگين ۾ اضافي جا قدم کنيا پيا وڃن. آئي ايم ايف چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ سخت مانيٽري پاليسي جاري رکندو، ضرورت پوڻ تي وياج جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهجي ٿو. آءِ ايم ايف موجب توانائي شعبي ۾ سڌارا، گردشي قرضي تي ضابطو، بروقت ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ سبسڊي ۾ گهٽتائي ضروري آهي. نئين قسط ملڻ سان پاڪستان کي ملندڙ رقم 4.5 ارب ڊالر ٿي ويندي. بجلي جي ترسيل ۽ ورڇ جي نظام ۾ بهتري ۽ نجڪاري عمل کي به اڳتي وڌايو پيو وڃي. آئي ايم ايف پنهجي بيان ۾ چيو آهي ته مالي سال 2026ع لاءِ 1.6 سيڪڙو پرائمري سرپلس جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، 2027ع تائين ان کي 2 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو منصوبو آهي. ان کان علاوه ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ، ڊجيٽل انوائسنگ، ٽيڪس آڊٽ نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مالي ذميوارين جي منصفاڻي ورڇ تي ڪم جاري آهي. آءِ ايم ايف موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ زور ڏنو آهي، جنهن ۾ گرين ٽرانسپورٽ، ڪاربان اخراج ۾ گهٽتائي، پاڻي جي نظام ۾ بهتري ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي تياري شامل آهي. نئين قسط ملڻ بعد پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مليل ڪل رقم لڳ ڀڳ 4.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويندي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مالي بار جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ڪم جاري آهي، غربت ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهن، مهانگائي کان متاثر طبقي لاءِ ٽارگيٽيڊ امداد فراهم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ نقد امداد ۾ اضافي سان گڏ ادائگي نظام کي به بهتر ڪيو پيو وڃي. آئي ايم ايف چيو آهي ته صحت ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ واڌ لاءِ حڪومت جو عزم برقرار آهي. سرڪاري ادارن ۾ سڌارا ۽ نجڪاري حڪومت جي اهم ترجيح آهن، مارڪيٽ ۾ حڪومتي مداخلت گهٽائڻ ۽ بدعنواني خلاف قدم کڻڻ سان گڏ سيڙپڪاري جي اضافي لاءِ به ڪوششون جاري آهن. آءِ ايم ايف موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گرين ٽرانسپورٽ، ڪاربان اخراج ۾ گهٽتائي، پاڻي جي نظام ۾ بهتري ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي تياري تي پڻ زور ڏنو آهي، پاڪستان ۾ توانائي شعبي ۾ موسمياتي هدفن مطابق سڌارا جاري آهن.