اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي، هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 3100 پوائنٽون گهٽتائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ٻاڙائي رهي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 3100 پوائنٽس تائين گهٽجي ويو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات کان ئي دٻاءُ رھيو ۽ انڊيڪس ۾ مسلسل گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 76,735 پوائنٽس جي سطح تائين ڪري پيو.