| ”اسٽرينجر ٿنگز“ فيم ملي برائون ڌي جي جهلڪ ڏيکاري |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ)”اسٽرينجر ٿنگز“ ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ اداڪاره ملي بوبي برائون اٽلي جي فيملي ٽوئر جون تصويرون شيئر ڪندي مداحن کي پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ جي هڪ ناياب جھلڪ ڏيکاري ڇڏي. 22سالن جي اداڪاره انسٽاگرام تي اٽلي جي خوبصورت ڊولومائٽس ۾ گذاريل لمحن جون تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ سندس مڙس جيڪ بون جووي ۽ ڌيءَ به ساڻس گڏ نظر آيا.پوسٽ جي پهرين تصوير ۾ ملي بوبي برائون پنهنجي ڌيءَ کي هنج ۾ کڻي مڙس سان گڏ هلندي نظر آئي ، انهن سان لاما به موجود هئا.ملي ۽ جيڪ 2025ع ۾ هڪ ٻارڙيءَ کي هنج وٺڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻنهي شروعات کان ئي پنهنجي ڌيءَ جي پرائيويسي جو خاص خيال رکيو آهي. جوڙي اڃا تائين سندس نالو عوامي سطح تي ناهي ٻڌايو ۽ نه ئي سوشل ميڊيا تي چهرو ڏيکاريو آهي.