اسٽيبلشمينٽ جو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ آهي ته ثابت ڪيو: چيف جسٽس
جنوري 13, 2024
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ کي بيٽ جو چونڊ نشان ڏيڻ واري پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته توهان چئو ٿا ته اسٽيبلشمينٽ جو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ آهي ته ثابت ڪيو، اسٽيبلشمينٽ اليڪشن ڪميشن تي ڇو دٻاءُ وجهندي؟ عدالت آئيني ادارن کي ته ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي، توهان بدنيتي جا الزام هڻو ٿا ته ٻڌايو بدنيتي ڪٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي بدنيتي ثابت ڪرڻي پوندي، رڳو الزام هڻڻ ڪافي نه آهي
چيف جسٽس چيو ته جمهوريت ملڪ سان گڏ سياسي جماعتن جي اندر به هجڻ گهرجي، بنيادي سوال پارٽيءَ جي آئين تي مڪمل عملدرآمد جو نه پر جمهوريت جو آهي
اڪبر بابر پي ٽي آءِ جو باني ميمبر هو، اهو پسند نه آهي ته ٻي ڳالهه آهي پر هن جي رڪنيت ته هئي، اڪبر بابر استعيفيٰ ڏني آهي يا ٻي پارٽي ۾ ويو آهي ته اهو به ڏيکاريو، رڳو اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته پارٽيءَ جو ميمبر نه آهي، ڇا توهان جي حڪومت ۾ اليڪشن ڪميشن آزاد ادارو هو جو هاڻي ڪنهن ٻئي جي ماتحت ٿي ويو؟
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان ليول پليئنگ فيلڊ گهرو ٿا، پنهنجي ميمبرن کي به ته ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻي پوندي