| اسٽيبلشمينٽ طاقت لاءِ آئين ۾ تبديليون پئي ڪرائي، صدر زرداري آئين بچائي: مولانا فضل الرحمان |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ هن وقت انتهائي ڳنڀير حالتن مان گذري رهيو آهي، هتي امن امان جي صورتحال بدترين شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بغاوت جهڙيون حالتون آهن، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي، حڪمران امن امان ۽ معيشت بابت سنجيده نظر نٿا اچن. ڪالهه پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي هن چيو ته رياست خلاف محدود سطح تي هٿيار کنيا ويا آهن، ڪو عليحدگي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته ڪو شريعت جي نالي تي پنهنجي ايجنڊا اڳتي وڌائي رهيو آهي. هن الزام هنيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اختيارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي نظام ۽ پارليامينٽ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اها آئين ۾ تبديليون آڻي پنهنجي اٿارٽي کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ بي معنيٰ بڻجي رهيون آهن. هن چيو ته 2018 ۽ 2024 جي چونڊن ۾ عوامي راءِ کي تبديل ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، جتي ماڻهن جا آئيني، معاشي ۽ بنيادي حق ترجيح ناهن. قوم کي ورهائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن جبر هيٺ اطاعت ڪرائي وڃي، جيڪا ڳالهه ملڪ کي استحڪام بدران بغاوت ڏانهن ڌڪي رهي آهي. هن سوال ڪيو ته موجوده پارليامينٽ زبردستي ڪيترو وقت هلي سگهندي؟ هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي پهتل آهي، هاڻ عوام لاءِ روڊن تي اچڻ ضروري ٿي پيو آهي. هن چيو ته رياست ۽ ملڪ کي سمجهون ٿا پر عوام جا به حق آهن، ڇوته رياست قوم سان ئي ٺهندي آهي. سال ۾ صرف هڪ ڏينهن آزادي ملندي آهي، باقي ڏينهن غلاميءَ جهڙا گذرن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت آمريڪا سميت پوري دنيا ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي،ايندڙ ڏينهن ۾ عسڪريت، آمريت ۽ سرمائيداري نظام وڌيڪ حاوي ٿيڻ جا امڪان آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو سبب آبنائي هرمز جي بندش کي ڄاڻايو پيو وڃي پر اهڙو اثر ڀارت تي ڇو نٿو ٿئي؟ ليويز ۽ ٽيڪسن جي نالي تي عوام کي جڪڙيو پيو وڃي، مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن نظام ۾ ايتري سگهه ناهي جو شفاف اليڪشن ڪرائي سگهي. اسان هڪ بااختيار عوام ۽ مضبوط جمهوري ادارا ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ سان باضابطه ڳالهيون ناهن ٿيون، جيتوڻيڪ ماضي ۾ ساڻن سخت اختلاف رهيا آهن. هن صدر آصف علي زرداري کي دعوت ڏيندي چيو ته اچو ۽ آئين جو تحفظ ڪريو، جنهن تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اسان جي اڳواڻن جون صحيحون ٿيل آهن. هن چيو ته ايوان صدر جي بلنديءَ مان عوامي جدوجهد جو قد نٿو ماپي سگهجي، ملڪ جي بقا آئين ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطي سان ئي ممڪن آهي.