| اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ چاهي ٿي: سينئر صحافي |
ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي فخر دراني چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ نوان صوبا ٺاهڻ چاهي ٿي، جڏهن ته مظهر عباس چيو آهي ته مسئلو صوبان ٺاهڻ سان نه پر ڪرپشن ختم ڪرڻ سان حل ٿيندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فخر دراني چيو ته اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته ننڍا صوبا ٺاهيا وڃن وڏا صوبا سنڀالڻ ڏکيو آهي ان ڪري ننڍا صوبا ٺاهيا وڃن. 12 يا وڌيڪ صوبا يونٽ انتظامي بنيادن تي ٺاهيا وڃن. هن چيو ته آئون به نون صوبن جو حامي آهيان پنجاب يا سنڌ کي سنڀالڻ ڏکيو آهي. انتظامي بنيادن تي صوبا هجڻ گهرجن پر عملي طور اهو ممڪن نه آهي. هن چيو ته واهن واري منصوبي تي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو ته صوبن جو معاملو ته ان کان وڏو آهي ان تي ان کان وڌيڪ مزاحمت ٿيندي. سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي صوبا ٺاهي وٺو پر ڪرپشن ختم ڪرڻ بنا ڪجهه به بهتر نه ٿيندو. پ پ پنجاب ۾ صوبن جي مخالف ناهي، حل صوبا ناهن مضبوط مڪاني ادارا آهن. صحافي ارشاد ڀٽي چيو ته نون صوبن جو حامي آهيان. نوان صوبا اڄ جي سڀ کان وڏي ضرورت آهن ان کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. ملڪ ۾ 33 صوبا ٺاهيا وڃن