| اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ رابطا برقرار رهڻ جو انڪشاف |
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد طرف مارچ جي معاملي تي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وچ ۾ باضابطه ڳالهيون ختم ٿيڻ جي باوجود ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پردي پٺيان رابطه مڪمل طور تي ختم نه ٿيا آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان ۽ گهرو وزير محسن نقوي ڇڪتاڻ گهٽرائڻ لاءِ امڪاني رستا ڳولا ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ آهن. تازي اڳڀرائي بيرسٽر گوهر ۽ محسن نقوي جي وچ ۾ هڪ ٻئي ملاقات جي صورت ۾ سامهون آئي جيڪا باضابطه ڳالهين جي ناڪامي ۽ خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جو مارچ اسلام آباد طرف روانو ٿيڻ کان پوءِ ٿي اها ملاقات ٻنهي پارٽين طرفان هڪ ٻئي طلاف ڏنل بيانن جي پس منظر ۾ ڪافي اهم آهي. بيرسٽر گوهر ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي وچ ۾ تازو رابطو انهي ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته باضابطه ڳالهين واري عمل جي خاتمي ۽ مارچ شروع ٿيڻ جي باوجود سياسي رستو مڪمل طور تي بند ناهي ٿيو.+