| اسٽيل ملز جي گارڊن جي فائرنگ: ڪاٺين لاءِ ويل لاڙڪاڻي واسي نوجوان قتل: ساٿي زخمي |
ملير (رپورٽ: ناز شر) اسٽيل ملز ويجهو سيڪيورٽي گارڊن جي فائرنگ: ڪاٺيون ڪرڻ ويل لاڙڪاڻي واسي نوجوان قتل: هڪ زخمي، ان ڏس ۾ بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ اسٽيل ملز جي ڦاٽڪ ويجهو سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ لاڙڪاڻي واسي 17 ورهين جو صادم پٽ اڪبر چانڊيو قتل ٿي ويو، جڏهن ته آزاد پٽ سردار علي جروار زخمي ٿي پيو، پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ۽ زخمي کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، زخمي ٿيل آزاد جروار اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اسين اسٽيل ملز ويجهو جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ وياسين، جتي ٻن سيڪيورٽي گارڊن فائرنگ ڪئي، گارڊن اسان کان ڪهاڙيون کسي چيو ته ڀڄو، فائرنگ سبب منهنجو ساٿي صادم واقعي واري هنڌ ڪري پيو، آئون ڀڄي روڊ تي آيس، هوڏانهن مقتول صادم چانڊيو جي پيءُ اڪبر چانڊيو ٻڌايو ته منهنجو پٽ ۽ سندس دوست اسٽيل مل جي جهنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ ويا، جتي سيڪيورٽي گارڊن مٿن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ منهنجي نوجوان پٽ صادم چانڊيو دم ڏنو جڏهن ته سندس دوست زخمي ٿيو، اڪبر چانڊيو چيو ته سڪيورٽي گارڊن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، کين گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او بن قاسم ٻڌايو ته واقعو ڪيئن پيش آيو؟ اسان جاچ ڪري رهيا آهيون