| اسٽيل ملز مان چوريون بند نه ٿيون، پوليس به چورن وارا ڪم ڪرڻ لڳي، گودام مالڪ گرفتار |
ملير (رپوٽر) اسٽيل مل مان چوري جو سلسلو رڪجي نه سگهيو۔ چورن سان گڏ پوليس اهلڪار ڀه چوري ڪرڻ لڳا. ان ڏس ۾ اسٽيل مل مان چورين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو اسٽيل مل مان چورن سان گڏ پوليس اهلڪار قيمتي ڪاپر چوري ڪرڻ لڳا آهن. بن قاسم پوليس ڪاروائي ڪري اسٽيل مل مان چوري جو قيمتي ڪاپر ۽ لوھ خريد ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ ڪاپر جي ڪيبل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ عمير رند جي نالي سان ٿي آهي.ايس ايڇ او بن قاسم موجب گرفتار جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪندي ٻڌايو آھي ته چوري ۾ بن قاسم ٿاڻي جا پوليس اهلڪارمنصور, اشفاق ۽ اسامه ملوث آھن، جيڪي مونکي چوري جو مال ڏيندا آھن ايس ايڇ او موجب ڄاڻايل پوليس اهلڪار چوري ڪرائڻ لاء چورن کي موڪليندا هئا گرفتار جوابدار جي موبائل فون مان پڻ پوليس اهلڪارن جي رابطن جي تصديق ٿي آھي, پوليس اهلڪارن منصور, اشفاق, اسامه ۽ گودام مالڪ عمير رند خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني جڏھن ت ڪوب پوليس اهلڪار گرفتار ناهي ٿيو