اسٽيل ملز پاران دڪانن ۽ گهرن جي وڌايل مسواڙ چيلنج

اسٽيل ملز پاران دڪانن ۽ گهرن جي وڌايل مسواڙ چيلنج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيل ملز ۾ هلندڙ دڪانن ۽ گهرن جي مسواڙ ۽ بجلي جي بلن ۾ 100 سيڪڙو واڌ خلاف درخواست تي درخواستگذارن کي اسٽيل ملز انتظاميا سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته جيڪڏهن توهان کي نقصان ٿي رهيو آهي ته پوءَ دڪانن ڇڏي ڏيو، توهان اسٽيل ملز جا ملازم نه پر مسواڙي آهيو.