| اسٽيل مل مان لوهه ۽ ٽامو چوري ۾ پوليس ملوث؟ ٻه چور گرفتار، ڇرڪائيندڙ انڪشاف |
ملير (رپورٽ: ناز شر) بن قاسم پوليس جي ڪاروائي اسٽيل مل مان لوهه ۽ ٽامو چوري الزام ۾ 2 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن، جن جاچ دوران گرفتار ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته اسٽل ٽائون ٿاڻي تي مقرر پوليس اي ايس آءِ سندن سهولتڪار آهي، ان ڏس ۾ بن قاسم پوليس پپري ۾ ڪاروائي ڪري اسٽيل مل مان لوهه ۽ ٽامو چوري ۾ ملوث ٻن جوابدارن حسيب ۽ دلشير کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان چوري ڪيل پِتل جي تار هٿ ڪري ورتي، پوليس موجب گرفتار جوابدار دلشير اسڪريپ چوري جي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي جڏهن ته حسيب چوري ٿيل اسڪريپ مختلف ڊيلرن کي سپلاءِ ڪندو آهي جڏهن ته جوابدارن جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي 15 تي مقرر ٿيل اسسٽنٽ سب انسپڪٽر شمس الدين اسٽيل مل مان چوري نيٽ ورڪ کي سهولت فراهم ڪندو آهي، پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.