ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز اسٽيم سيل ٿراپي کي نقصانڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪي ادارا اها ٿراپي ڪن پيا، اھي فوري طور بند ڪن، پاڪستان ۾ صرف 2 ٿراپيز منظور ٿيل آهن ،باقي سموريون ٿراپيز تجرباتي مرحلن ۾ گذرن پيون، اسٽيم سيل ٿراپي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي
پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته هڏين جي ڪينسر، ليڪوميا ٿيلسميا ۽۽ ٻين بيمارين ۾ اسٽيم سيل ٿراپي ٺيڪ ناھي، اها فائدي بدران نقصانڪار آھي، سنڌ صوبي ۾ انهي تي ايڪشن کڻنداسين
هن چيو ته پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ جا پراجيڪٽ 2012-2016ع جا آھن، مون ڪوشش ڪئي ته فعال رٿائن کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون، آئون وزيراعليٰ پاران پبلڪ هيلٿ کاتي تي بي اعتمادي ڏيکارڻ واري لکيل خط جو لکت ۾ جواب ڏيندس
سندس چوڻ هو ته مون اليڪشن ڪميشن کي چيو آھي ته صحت کاتو اڳ ئي رڳو 60 سيڪڙو عملي سان ڪم ڪري پيو. انھي ڪري اليڪشن ڊيوٽي لاءِ عملو ڏئي نٿا سگھون
هڪ سوال جي موٽ ۾ ھن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر جا سمورا ادارا بند ڪريو، رڳو صحت جا خانگي ادارا بند ڪرڻ ممڪن ناھي، عوام کي ڪير زبردستي نٿو چوي ته مھانگين اسپتالن ۾ وڃن، صحت انشورنس ئي انھي مسئلي جو حل آھي
چيف سيڪريٽري صحت کاتي جي سيڪريٽري خلاف انڪوائري شروع ڪرائي آھي: وزير صحت
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته صحت کاتي جي سيڪريٽري خلاف منهنجي خط تي چيف سيڪريٽري انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آھي، صوبائي سيڪريٽري مون کي باءِ پاس ڪري هڪ خانگي اداري ( جي ڊي سي) کي 10 سالن تائين ساليانو 2 ارب رپيا گرانٽ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي
وزيرصحت ڪوڙو آهي، پنهنجي حڪومت کي بدنام پيو ڪري: سيڪريٽري
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد نياز جي الزامن بابت صحت کاتي جي سيڪريٽري چيف سيڪريٽري کي لکت ۾ جواب موڪلي ڇڏيو آهي، صحت کاتي جي سيڪريٽري منصور عباس پنهنجي خط ۾ نگران وزير جي خط کي ڪوڙو، بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته نگران وزير گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمس) ۽ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جمس) جي آڊٽ ڪرائڻ پي چاهي
هن چيو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ اينڊواسڪوپي اينڊ گيسٽو اينٽرولاجي ادارو نگران وزير پاڻ هلائي ٿو، انهي اداري جي آڊٽ ڪرائڻ تي نگران وزير سعد نياز مون تي ڪاوڙجي ويو، هن پنهنجي اداري جي آڊٽ وارو آرڊر واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، هو پنهنجي اداري کانسواءِ سمورن ادارن جو آڊٽ ڪرائڻ چاهي ٿو
صحت واري سيڪريٽري خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته نگران صحت وارو وزير چاهي ٿو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هلندڙ پروگرام لاءِ ڀرتي ڪاميٽي ۾ کيس چيئرپرسن بڻايو وڃي
هن چيو ته ورلڊ بينڪ پراجيڪٽ جي اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ لاءِ ان وقت جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهه کي چيئرمين بڻايو هو، نگران وزير مون تي دٻاءُ وجهي رهيو هو ته کيس ڀرتي ڪاميٽي جو چيئرمين بڻايو وڃي
خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هيلٿ انشورنس معاملي تي نگران وزير قانوني جواز ڇڏي ليٽر آف انٽينٽ جاري ڪرڻ لاءِ چيو، صوبائي وزير پنهنجي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ ميڊيا کي استعمال ڪيو ۽ بنا سبب غلط الزام لڳايا