اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي شازيه مري پاران پيش ڪيل قانون شهادت بل بحث کانپوءِ منظور ڪيو ويو. ترميمي بل ۾ آرٽيڪل 59، 61 ۽ 84 ۾ معمولي ترميم ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ڊرافٽ وزارت قانون و انصاف پاران تيار ڪيو ويو. ڪميٽي ميمبر سيد حفيظ الرحمان چيو ته فرانزڪ لاءِ ايڪسپرٽ جي تعريف واضع هجڻ گهرجي، هر ڪو بيهي چوي ٿو ته هو فرانزڪ ايڪسپرٽ آهي. قانون واري وزارت جي نمائندي چيو ته آرٽيڪل 59 ۾ ايڪسپرٽ جي تعريف واضح ڪئي وئي آهي. فرانزڪ ۾ هينڊ رائيٽنگ ايڪسپرٽ کي لازمي قرار ڏيون ته مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، عدالت کي جڏهن فرانزڪ هينڊ رائٽنگ ايڪسپرٽ جي ضرورت پوندي آهي ته عدالت آرڊر جاري ڪري ٿي. اسان هينڊ رائيٽنگ ايڪسپرٽ لازمي قرار ڏنو ته آرٽيڪل 59 کي مڪمل طور تي تبديل ڪرڻو پوندو. ڪميٽي ميمبر شازيه مري چيو ته هر ڪيس ۾ ته هي ڳالهه سامهون ناهي ايندي. اسان جيڪو ٻه سو سالن کان ڪم ڪري رهيا آهيون، ضروري ناهي ته اهو ٺيڪ هجي، ڪميٽي چيئرمين چيو ته هن معاملي جو حل ڳولڻ ضروري آهي.