اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر لاڏاڻو ڪري وئي

اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناڻي واري اڳوڻي ممڪلتي وزير ۽ اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي خاتون گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر لاڏاڻو ڪري وئي. ڊاڪٽر شمشاد اختر کي دل جو دورو پيو هو، 2 جنوري 2006  تي اسٽيٽ بينڪ جي 14هين گورنر بڻجندڙ شمشاد اختر جي جنازي نماز اڄ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي،  ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري،  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ۔،گورنر ڪامران ٽسوري ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي