| اسٽيٽ بينڪ قانوني سبب بنا اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان قانوني جواز ۽ مجاز اختيارين جي منظوري يا تصديق کانسواءِ بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ، ڊيبٽ بلاڪ لڳائڻ يا اڪائونٽ فريز ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ۽ سڄي ملڪ جي بئنڪن لاءِ نئون هدايت نامو جاري ڪيو آهي.هدايت نامي موجب ڪنهن به بئنڪ اڪائونٽ تي ڊيبٽ بلاڪ، آپريشنل پابندي يا اڪائونٽ فريز ڪرڻ جو قدم صرف قانون موجب کنيو ويندو. ڪنهن به شهري جي اڪائونٽ خلاف ڪارروائي رڳو قانوني اختيار ۽ مناسب تصديق کانپوءِ ئي ٿي سگهندي. اسٽيٽ بئنڪ بئنڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي مڪمل عملدرآمد لاءِ مناسب اندروني نظام جوڙين، جيئن قانوني اختيار کانسواءِ احتياطي يا غيرارادي پابندين سبب اڪائونٽ هولڊرن کي غيرضروري نقصان نه پهچي. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳ ئي قانوني اختيار ۽ مجاز اداري جي منظوري کانسواءِ بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ کان روڪي چڪي آهي. جسٽس ارباب محمد طاهر اسٽيٽ بئنڪ کي اندروني نظام جوڙڻ ۽ ان حوالي سان واضح هدايتون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.