| اسٽيٽ بينڪ: ڊاڪٽر شمشاد اختر آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ جي پهرين خاتون گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر کي آلين اکين سان ميوا شاهه قبرستان ۾ سندس امڙ ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽرشمشاد جي جنازي نماز سلطان مسجد ڊفينس ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد شمريز، ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد، ڪي پي جي صلاحڪار مزمل اسلم، اسٽاڪ ايڪسچينج جي ايم ڊي فرخ حسين سبزواري، ڊائريڪٽر احمد چنائي، اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي گورنرز ڊاڪٽر عنايت حسين ۽ ڊاڪٽر سليم الله ،ڪاروباري شخصيتن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ئي، جنازي نماز سنڌ جي گورنر، صوبائي وزيرن توڙي مشيرن شرڪت نه ڪئي