“اسپائيڊرمين”: زينڊايا ۽ بيٽالن ٽام هالنڊ کي فلم جي ڪهاڻي ٻڌائڻ کان روڪي ورتو

“اسپائيڊرمين”: زينڊايا ۽ بيٽالن ٽام هالنڊ کي فلم جي ڪهاڻي ٻڌائڻ کان روڪي ورتو

لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي اداڪار ٽام هالنڊ کي ساٿي اداڪارن زينڊايا ۽ جيڪب بيٽالن فلم ’اسپائيڊرمين: برانڊ نيو ڊي‘ جي پڄاڻي بابت ٻڌائڻ کان روڪي ورتو.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽام هالنڊ پنهنجي نئين سُپر هيرو فلم بابت گفتگو ڪري رهيو هو، هو فلم جي ڪهاڻي ۽ پيٽر پارڪر جي جذباتي سفر بابت ڳالهائيندي اچتو پڄاڻي ڏانهن اشارو ڪرڻ لڳو، انهي ئي دوران زينڊايا ۽ جيڪب بيٽالن فوراً کيس روڪي ورتو ته جيئن فلم جا اهم تفصيل مداحن آڏو  نه اچن. اهو دلچسپ لمحو ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جتي مارول جي مداحن زينڊايا ۽ جيڪب بيٽالن جي تعريف ڪندي چيو ته ٽام هالنڊ هاڻي به مارول جو سڀ کان وڏو ’اسپائلر ڪنگ‘ آهي. ٽام هالنڊ ماضيءَ ۾ به انٽرويوز دوران مارول جي فلمن بابت اهم معلومات غير ارادي طور ظاهر ڪري چڪو آهي، جنهن ڪري مارول اسٽوڊيوز اڪثر ڪري کيس ساٿي اداڪارن سان گڏ انٽرويوز ۾ شامل ڪندو آهي ته جيئن هو وڏا راز ظاهر نه ڪري. ’اسپائيڊرمين: برانڊ نيو ڊي‘ مارول سينيماٽڪ يونيورس (MCU) ۾ اسپائيڊرمين جي چوٿين سولو فلم آهي، جيڪا 2021ع ۾ رليز ٿيندڙ ’اسپائيڊرمين: نو وي هوم‘ جي واقعن کانپوءِ جي ڪهاڻي پيش ڪندي. گذريل فلم ۾ دنيا پيٽر پارڪر جي اصل سڃاڻپ وساري چڪي هئي، جنهن کانپوءِ نئين فلم ۾ اسپائيڊرمين کي هڪ نئين مرحلي ۾ ڏيکاريو ويندو، جتي هو پنهنجي سڃاڻپ لڪائي نيو يارڪ شهر جي حفاظت ڪندي نظر ايندو. فلم جي هدايتڪاري ڊيسٽن ڊينيئل ڪريٽن ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان جو اسڪرپٽ ڪرس ميڪ ڪينا ۽ ايرڪ سومرز تحرير ڪيو آهي. فلم کي ڪولمبيا پڪچرز، مارول اسٽوڊيوز ۽ پاسڪل پڪچرز جي اشتراڪ سان تيار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انهي کي سوني پڪچرز رليز ڪندي.