اسپانسرشپ حج اسڪيم ۾ 25 هزار مان رڳو 2800 درخواستون جمع

ڊسمبر 18, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستن جي وصولي جي تاريخ ۾ ڪيل اضافي ۾ صرف پنج ڏينهن بچيا آهن، اسپانسر شپ اسڪيم تحت گهربل 25 هزار درخواستن مان هن وقت تائين صرف 2800 حج درخواستون جمع ٿي سگهيون آهن. اسپانسر شپ اسڪيم تحت اڃا به 22200 حج درخواستون باقي آهن. جنهن لاءِ حج جي خواهشمندن کي ان طرف توجهه ڏيڻ واريون ڪوششون جاري آهن. مذهبي مامرن واري وزارت پرڏيهي ۽ گهرو وزارت کان پوءِ وزير اطلاعات کان به مدد گهري ورتي آهي. مذهبي مامرن واري وزارت پرڏيهي ملڪن ۾ پاڪستانين کي خط لکيو آهي. جنهن ۾ پرڏيهي ۾ رهندڙ پاڪستانين کي اسپانسرشپ سڪيم تحت حج درخواستون ڏيڻ لاءِ ڄاڻ ڏيڻ ۽ حج درخواستن جي وصولي جي طريقيڪارکان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي آگاهه ڪيو وڃي. اسپانسر شپ اسڪيم تحت 25 هزار جي ڪوٽا تي هن وقت تائين صرف 2800 درخواستون ملي سگهيون آهن. سرڪاري ريگيولر اسڪيم تحت 58 هزار درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن. سرڪاري ريگيولر اسڪيم تحت حج درخواستن جي وصولي آچر موڪل واري ڏينهن به جاري رهي. ڊالرز ۾ درخواستون جمع ڪرائيندڙ حج جا خواهشمند قرعه اندازي ذريعي فائدو حاصل ڪندا. 40 کان علاوه 20 کان 22 ڏينهن مختصر مدت جو حج پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو ويو آهي. حج بدل ۽ پنج ورهين ۾ حج ڪندڙ به درخواستون ڏيڻ جا اهل آهن. عورتون پهريون ڀيرو محرم (مرد) کان بغير حج ڪري سگهنديون، حج درخواستون 22 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.

Leave A Comment