اسپتالن ۾ تحفظ ڏيو: ينگ ڊاڪٽرز پاران احتجاج جو چتاءُ

اسپتالن ۾ تحفظ ڏيو: ينگ ڊاڪٽرز پاران احتجاج جو چتاءُ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسپتالن اندر ڊاڪٽرن تي وڌندڙ تشدد واقعن خلاف احتجاج  جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر محبوب نوناري، ڊاڪٽر مهراڻ شر، ڊاڪٽر رشيف لاکير ۽ ڊاڪٽر عمار دانش چيو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، روزانو اسپتالن اندر ڊاڪٽرن تي تشدد جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ سول اسپتال ڪراچي سميت مختلف اسپتالن جي ايمرجنسي وارڊن ۾ تشدد سبب ڊاڪٽرن ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هنن چيو ته ڪراچي پوليس  ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ جا قاتل  گرفتار ناهن ڪيا، هنن چيو ته  عالمي معيار موجب 6 مريضن لاءِ هڪ ڊاڪٽر هجڻ گهرجي، اسان کي 200 مريض ڏسڻا پون ٿا. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ جناح اسپتال جهڙيون گهٽ ۾ گهٽ 5 اسپتالون هجڻ گهرجن، هنن الزام لڳايو ته رٽائرڊ داڪٽرن کي ٻيهر اهم عهدن تي ويهاريو پيو وڃي، جنهن سان  اسپتالن جو نظام متاثر ٿي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتالن ۾ سيڪيورٽي وڌائي سي سي ٽي وي ڪيميرائون نصب ڪيون وڃن