“اسپتال ۾ رش نه ڪنداسين” عدالت سان واعدو: ثابت ٿي ويو مائنس نٿا ڪري سگهو: پي ٽي آءِ

   “اسپتال ۾ رش نه ڪنداسين” عدالت سان واعدو: ثابت ٿي ويو مائنس نٿا ڪري سگهو: پي ٽي آءِ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ عدالت سان واعدو ڪيو ته ڪارڪن اسپتال جي چوڌاري گڏ نه ٿيندا، تحريڪ انصاف عدالتي فيصلي کي اميد جو ڪرڻو به قرار ڏنو ۽ ڪارڪنن کي اسپتال اچڻ بدران گهرن ۾ عمران لاءِ دعا جي اپيل ڪئي. ان سلسلي ۾  پاڪستان تحريڪِ انصاف( پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ پارليامينٽ جي ميمبر جنيد اڪبر سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا ان تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ پيدا نه ڪندا. ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف يقيني بڻائيندي ته الشفا اسپتال جي ٻاهران امن امان جي صورتحال خراب نه ٿئي. هن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته ذميواري ۽ ڊسيپلين جو مظاهرو ڪندي پرامن رويو اختيار ڪن. سندس چوڻ هو ته اِها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته اسلام آباد يا الشفا اسپتال ڏانهن نه اچون، پر گهرن ۾ رهي عمران خان جي صحت لاءِ دعا ڪيون. وزيراعليٰ ڪي پي سهيل آفريدي چيو ته اسان کي انصاف ملي ويو، عدالتن جو ڪم انصاف ڏيڻ آهي، جيڪڏهن عدالتون انصاف نه ڏينديون ته عوام ڪيڏانهن ويندو؟ اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي جلد عملدرآمد ٿيندو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا واعدو ڪيو آهي ته اسپتال جي چوڌاري پاڪستان تحريڪِ انصاف جو ڪو به ڪارڪن گڏ نه ٿيندو.عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اميد جو ڪرڻو آهي، عدالت رياست جي سمورن ادارن کي حڪم ڏنو آهي ته عمران خان جي صحت پهرين ترجيح آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته ٻن ڏينهن اندر عمران خان کي اڊيالا جيل مان شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ٿورائتا آهيون ته اهو حڪم جاري ٿيو، جنهن جو مطالبو اسان هڪ سال کان ڪري رهيا هئاسين. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽرن جو بورڊ جوڙڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي، جنهن ۾ سمورن شعبن جا اسپيشلسٽ شامل هوندا، جيئن اهو پتو لڳائي سگهجي ته عمران خان کي جيڪا بلڊ پريشر جي بيماري ٻڌائي پئي وڃي، اها ڇو ٿي؟ عمران خان جي اک ۾ ڪلاٽ ڇو آيو؟ هن چيو ته عمران کي  فوري اسپتال داخل ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته ثابت ٿي ويو ته ڪنهن کي به سياسي حربن سان مائنس نٿا ڪري سگهو.