اسپري فنڊ ۾ گهوٻيون، مڪاني کاتي جا ڪامورا نيب وٽ پيش، مهلت طلب

سيپٽمبر 21, 2023

 سکر(بيورو رپورٽ) سرڪار طرفان برساتن ۾ سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ڏانهن اماڻيل 4.80 ملين ۾ ڪرپشن ٿيڻ جي شڪايتن تي نيب سکر طرفان جاچ شروع ڪئي وئي آهي

 نيب سکر طرفان ليٽر جاري ڪندي سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينطير آباد لوڪل گورنمينٽ، ضلعي ڪائونسل، ميونسپل جي سمورن چيف آفيسرز، چيف ميونسپل آفيسرز، ٽائون آفيسرز ۽ اڪائونٽنٽس کي ڪالهه 21 مئي تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو

 اطلاع مطابق عملدارن نيب وٽ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي آهي ۽ ڪيترن ئي آفيسرن طرفان رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻي ۾ مڙهه کڻن به مشڪل ٻڻيل

  • صالح پٽ ڀرسان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

  • دادو ۾ عورت سان 3 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ

  • لاڙڪاڻو: مبينا حملي ۾ مارجي ويلن جي وارث عورت جو احتجاج