اسپيني اداڪار پاران آسڪر ۾ فلسطين جي حق ۾ نعرو

  اسپيني اداڪار پاران آسڪر ۾ فلسطين جي حق ۾ نعرو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) اسپيني اداڪار هاويئر بارڊيم آسڪر تقريب ۾ فلسطين جي حق ۾ نعرو هنيو.  اداڪار هاويئر بارڊيم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي سخت تنقيد ڪئي.  هن چيو ته 23 سالن کانپوءِ اسان هڪ غير قانوني جنگ ۾ آهيون، اها ٽرمپ ۽ نيتن ياهو ايراني حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي. آسڪر تقريب ۾ ڪيترن ئي فنڪارن “آرٽسٽس فار سيز فائر” وارا بيج پائي غزه ۾ جنگبندي جي حمايت ڪئي.