| اسپين جو ايران ۾ حڪومتي تشدد خلاف احتجاج، سفير طلب |
ميڊرڊ(م ڊ) اسپين ميڊرڊ ۾ ايران جي سفير کي طلب ڪري احتجاج ڪندڙن تي ڪريڪ ڊائون تي احتجاج ڪيو. اسپين جي پرڏيهي وزير ريڊيو ڪيٽيلونيا کي ٻڌايو ته ايران جي سفير کي چيو ويو ته ايراني عورتن ۽ مردن جي پرامن احتجاج ۽ اظهار جي آزادي جي حق جو احترام ڪيو وڃي ۽ وحشي گرفتارين جو سلسلو فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي.