| اسپين جي 4 صديون قديم سڪي نيلامي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو |
نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) اسپين جي 4 صديون قديم سڪي نيلامي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسپين جو 4 صديون قديمي سڪو جيڪو اسپين جي بادشاهه فلپ ٽئين جي دور 1609 ۾ تيار ڪيو ويو 34 ملين ڊالرن ۾ نيلام ٿيو. اسپين جي شهر سيگوويا ۾ ان انوکي انوکي سڪي کي تيار ڪيو ويو هو جڏهن ته سندس وزن 339 گرام رڪارڊ ڪيو ويو. اهو انوکو سڪو ڪيترين ئي صدين تائين گم رهڻ بعد 1950 ۾ ظاهر ٿيو. اهو انوکو سڪو نيويارڪ ۾ هڪ آمريڪي شوقين وٽان ظاهر ٿيو ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ نيلامي لاءِ پيش ڪيو ويو جٿي نيلامي جي سڀ کان وڏي ۽ رڪارڊ ٻولي 28 لک 17 هزار 500 سوئيس فرانڪ يعني 3.49 ملين ڊالر لڳائي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو سڪو اصل ۾ شاهي تحفو رهيو آهي جيڪو بادشاهه رڳو حڪمرانن کي تحفي طور پيش ڪندا هئا، ان قديمي سڪي هيسبرگ حڪمران فرٽينيڊ ٽئين جي 100 هين ٽڪيٽ جو پوئين يورپي رڪارڊ کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو.