اسپين فٽبال جو نئون چيمپئن: ميسي جو خواب اڌورو رهجي ويو: ميڊرڊ ۾ زبردست جشن

اسپين فٽبال جو نئون چيمپئن: ميسي جو خواب اڌورو رهجي ويو: ميڊرڊ ۾ زبردست جشن

نيويارڪ/ميڊرڊ (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل ۾ اسپين اضافي وقت ۾ ارجنٽائن کي 1-0 سان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو دنيا جو فٽبال چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. سنسني خيز مقابلي جو فيصلو 106 هين منٽ ۾ ان وقت ٿيو جڏهن فيران تورس ويجهو کان طاقتور شاٽ هڻي بال کي جاليءَ ۾ پهچايو ۽ اسپين کي تاريخي فتح ڏياري. ورلڊ ڪپ فائنل مان شائقين کي هڪ يادگار مقابلي جي اميد هئي پر ميدان ۾ سخت ٽڪراءُ، مسلسل فائولز ۽ بار بار راند بيهڻ سبب ميچ پنهنجي رواني برقرار نه رکي سگهي. ان جي باوجود اسپين شروعات کان ئي بهتر راند جو مظاهرو ڪيو ۽ گول جا ڪيترائي واضح موقعا به ٺاهيا، پر ارجنٽائن جو گول ڪيپر ايميلينو مارٽينيز هر ڀيري ديوار بڻجي سامهون آيو. ارجنٽائن کي ان وقت وڏو ڌڪ لڳو جڏهن مقرر وقت جي آخري لمحن ۾ مڊفيلڊر اينزو فرنانڊيز خطرناڪ ٽيڪل تي ٻيو پيلو ڪارڊ ملڻ کانپوءِ ميدان مان ٻاهر موڪليو ويو، جنهن ڪري دفاعي چيمپيئن اضافي وقت ۾ صرف ڏهن رانديگرن سان کيڏڻ تي مجبور ٿي وئي. اضافي وقت ۾ به مارٽينيز ڪيترائي شاندار سيفز ڪري اسپين کي روڪي رکيو، تان جو 106 هين منٽ ۾ نيڪو وليمز جي هيڊر کانپوءِ بال فيران تورس تائين پهتو، جنهن زوردار شاٽ هڻي اسپين لاءِ فيصلائتو گول ڪري ڇڏيو. ميچ دوران اسپين جا ليمين يامال، ميڪل اويارزابال ۽ نيڪو وليمز مسلسل ارجنٽائن جي دفاع لاءِ خطرو بڻيل رهيا، جڏهن ته هڪ موقعي تي وليمز جو گول فائول سبب رد به ڪيو ويو. فائنل صرف ميدان تائين محدود نه رهيو پر ان جي آسپاس به غير معمولي رونق ڏسڻ ۾ آئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خاص طور تي ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم پهتو، جڏهن ته ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هاف ٽائيم شو جو انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ شڪيرا، مڊونا ۽ جسٽن بيبر جي پرفارمنس شائقين کي خوب محظوظ ڪيو. ان فتح سان اسپين نه صرف پنهنجي تاريخ جو ٻيو مردن جو ورلڊ ڪپ کٽي ورتو پر هڪ منفرد اعزاز به پنهنجي نالي ڪري ورتو. اسپين هاڻي فٽبال جي تاريخ جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن وٽ هڪ ئي وقت مردن ۽ عورتن ٻنهي جا ورلڊ ڪپ ٽائيٽل موجود آهن. فائنل ميچ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خاص طور تي شرڪت ڪئي، هن کٽيندڙ ٽيم کي ٽرافي ۽ ميڊلز پارايا، جڏهن ته فيفا پاران اسپين جي ٽيم جي هر رانديگر کي هڪ خاص منڊي به ڏني وئي.