| اسپيڪر اسيمبلي هال ۾ ميمبرن پاران ويڊيو ٺاهڻ تي ناراض |
ڪراچي: اسيمبلي هال ۾ ميمبرن پاران ويڊيو ٺاهڻ تي اسپيڪر ڪاوڙجي پيو، اسپيڪر اويس قادر شاھ چيو ته اسيمبلي هال جي پسمنظر ۾ بيهي وڊيوز ٺهرائڻ هائوس جي ڊيڪورم جي خلاف آهي. اسپيڪر پاران ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي ته اسيمبلي هال ۾ بيهي وڊيوز ٺاهڻ جو سلسلو فوري طور ختم ڪن. اسپيڪر چيو ته ڪنهن به ميمبر کي تقرير ڪرڻ کان نه روڪيو پيو وڃي، اهي پنهنجي ڳالهه تقريرن ذريعي ڪن. اسيمبلي پاران ميمبرن کي سندن تقريرن ۽ ڪارروائي جي سموري رڪارڊنگ فراهم ڪبي