| اسپيڪر اويس شاهه ۽ نثار کهڙي ۾ تڪرار نبرجي نه سگهيو: پي اي سي جو وهنوار ٺپ |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين وچ ۾ تڪرار نبرجي نه سگهيو، ڪاميٽي جا مختلف کاتن بابت رِٿيل اجلاس ملتوي، سمورو وهنوار رولڙي جو شڪار، ان ڏس ۾ اسپيڪر اويس قادر شاھ پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي سيڪريٽري محمد خان رند کي هٽائي چيئرمين نثار کهڙي جي مرضي بِنا حسن شاھ کي پي اي سي جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ تان پيدا ٿيل اختلاف نبر جي نه سگهيا، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو اسپيڪر اويس قادر شاھ ڏانهن ٻن صفحن تي مشتمل خط لکي سفارش ڪئي هئي ته 21هين گريڊ جو حسن شاھ ڪنهن به صورت ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي سيڪريٽري طور قبول ناهي. سندس مقرري ۽ محمد خان رند جي بدلي وارو آرڊر ڪينسل ڪيو وڃي، پي اي سي چيئرمين جي اهڙي خط باوجود اسپيڪر پي اي سي سيڪريٽري جي مقرري ۽ بدلي وارا آرڊر ڪينسل ناهن ڪيا، جنهن سبب پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جا اجلاس رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. واضح رهي ته 18 ڊسمبر يعني 2 ڏينهن اڳ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جو به پي اي سي وٽ اجلاس رٿيل هو، جيڪو چيئرمين پي اي سي پاران ملتوي ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح ٻين کاتن جا اجلاس به رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن.