| اسپيڪر اويس شاهه ۽ نثار کهڙي ۾ دنگل: محمد رند کان اسپيشل ۽ اسٽينڊنگ ڪاميٽيون به واپس |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين وچ ۾تڪرار سنگين رخ اختيار ڪري ورتو، پي اي سي جي هٽايل سيڪريٽري کان اسپيشل ڪاميٽيون ۽ اسٽينڊنگ ڪاميٽيون به واپس، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاھ ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو وچ ۾ هڪ مهيني کان هلندڙ تڪرار ختم ٿيڻ بجاءِ سنگين نوعيت اختيار ڪري ويو آهي. اسپيڪر اويس قادر شاھه جي هدايتن تي اسيمبلي اختيارين پي اي سي جي هٽايل سيڪريٽري 21هين گريڊ جي محمد خان رند کان اسپيشل ڪاميٽين ۽ سمورين اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي سيڪريٽري شِپ به واپس وٺي ڇڏي آهي. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪجهه هفتا اڳ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪراويس قادر شاھ کي خط لکي اعتراض واريو هو ته پي اي سي ۾ مقرر ڪيل سيڪريٽري حسن شاھ قبول ناهي، کيس هٽائي محمد خان رند کي ٻيهر پي اي سي سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو جي اهڙي خط کانپوءِ اسپيڪر اويس قادر شاھ سندس سفارش تي عمل ڪرڻ بجاءِ محمد خان رند کي ويتر ”سائيڊ لائين“ ڪري ڇڏيو . ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪندي پي اي سي سيڪريٽري واري عهدي تان هٽايل محمد خان رند کان اسپيشل ڪاميٽيون ۽ اسٽينڊنگ ڪاميٽيون به واپس ورتيون ويون آهن.