| اسپيڪر اويس شاهه ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي چيئرمين ۾دنگل: سيڪريٽري گهر ڀيڙو |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ اسپيڪر وچ ۾ اختلاف، 20 مهينن ۾ مالي بيضابطگين جي اوڳاڙيل 26 ارب رپين جي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ تي پي اي سي چيئرمين پاران وڏي وزير کي خط لکي پي اي سي آفيسرن ۽ عملي کي اعزازيو ڏيڻ جي سفارش، وڏي وزير جي منظوري بعد فنانس کاتي جي هدايتن تي عملي جا تفصيل ڏيڻ تان پي اي سي سيڪريٽري کي سنڌ اسيمبلي جي اختيارين شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، پي اي سي سيڪريٽري کي جاري ڪيل شوڪاز واپس وٺڻ لاءِ چيئرمين نثار کهڙو جو اسپيڪر کي خط، نثار کهڙو جي خط تي پي اي سي سيڪريٽري کان وضاحت نامو واپس وٺڻ بجاءِ کيس عهدي تان ئي هٽايو ويو! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو پاران 20 مهينن دوران 26 ارب روپين کان وڌيڪ رقم اوڳاڙي ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ تي پي اي سي جي سموري عملي ۽ آفيسرن کي اعزازيو ڏيارڻ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي خط لکي سفارش ڪئي هئي، وڏي وزير پاران اعزازيي جي منظوري ڏيڻ بعد ناڻي کاتي پي اي سي جي سيڪريٽري کان ڪاميٽي جي عملدارن ۽ آفيسرن جا تفصيل طلب ڪيا هئا، پي اي سي سيڪريٽري پاران ناڻي کاتي کي اعزازيه لاءِ پي اي سي عملي بابت آگاهي ڏيڻ تي سنڌ اسيمبلي جي اختيارين وري پي اي سي سيڪريٽري کان وضاحت گھُري، اهڙي صورتحال بعد پي اي سي چيئرمين نثار کهڙِو وري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي سموري معاملي کان آگاهي ڏيندي کيس پي اي سي جي ڪارڪردگي بابت ٻڌائيندي چيو ويو آهي ته جولاءِ 2024ع ۾ پي اي سي قائم ٿيڻ کانپوءِ 138 کان وڌيڪ اجلاس ڪيا ويا، 40 کان وڌيڪ سرڪاري کاتن، 5 اٿارٽين، 11 يونيورسٽين ۽ 50 کان وڌيڪ مڪاني ادارن جا آڊٽ اعتراض پرکيا ويا، مسلسل نگراني ۽ اسٽاف جي ڪوششن سبب 26 ارب رپين کان وڌيڪ جي وصوليون ٿيون، جيڪي حڪومت جي خزاني ۾ جمع ڪرايون ويون. خط ۾ لکيو ويو آهي ته پي اي سي سيڪريٽري ۽ اسٽاف جي محنت طور اعزازي رقم لاءِ وڏي وزير ڏانهن سمري اماڻي وئي هئي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي اي سي سيڪريٽري کان اسيمبلي جي اختيارين پاران وضاحت گھرڻ تي حيرت ٿي آهي، پي اي سي سيڪريٽري جي بهتر ڪارڪردگي هوندي کيس انعام ڏيڻ بجاءِ وضاحت نامو جاري ڪيو ويو آهي؟ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پاران خط ۾ پي اي سي سيڪريٽري محمد خان رند کي اسيمبلي اختيارين پاران جاري ڪيل شوڪاز واپس وٺڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي، ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جي اختيارين نثار کهڙو جي اهڙي سفارش تي عمل ڪرڻ بجاءِ پي اي سي سيڪريٽري محمد خان رند کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي محمد حسن شاھ کي مقرر ڪري ڇڏيو
| اسپيڪر نثارکهڙي کان پي اي سي چيئرميني به کسڻ لاءِ سرگرم |
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين وارو عهدو ڪي پي جي طرز تي اسپيڪر حوالي ڪرڻ لاءِ رولز ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سرگرم ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ پ پ قيادت وٽ تجويزون به پيش ڪري ڇڏيون آهن، ذريعن موجب ته پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو کان پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين شِپ کسرائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اويس قادر شاھ سرگرم ٿي ويو آهي. ان حوالي سان اسپيڪر اويس قادر شاھ پارٽي قيادت اڳيان تجويزون رکيون آهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين وارو عهدو ڪي پي اسيمبلي طرز تي اسپيڪر حوالي ڪرڻ لاءِ رولز ۾ ترميم ڪرائي وڃي.