اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي باجوڙ سردار اياز صادق سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي 12 خوارج دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو، جڏهن ته حملو ناڪام بڻائيندي 11 بهادر جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي بهادري ۽ جرئت کي خراج عقيدت پيش ڪندي اُنهن جي خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، اڄ پهريون روزو
جده (م ڊ) سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سعوديه سپريم ڪورٽ اڄ پهريون روزو رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، يو اي اي ۾ به اڄ پهريون روزو رکيو ويندو، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ برونائي ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر نه آيو، پهريون روزو 19 فيبروري تي رکيو ويندو، پاڪستان ۾ به رمضان المبارڪ جو چنڊ سڀاڻي نظر اچڻ جا امڪان آهن، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاران اڄ حتمي اعلان ڪيو ويندو