| اسپيڪر جي آواز ۾ ڏوڪڙ وٺڻ جو انڪشاف، آن لائن فراڊ تي ڪارروائي ٿيندي، قانونسازي جو اشارو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آن لائين فراڊ، قانون سازي، پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايوان جي نظم و ضبط بابت اهم معاملن تي بحث ٿيو. اسپيڪر قومي اسيمبلي پنهنجي آواز جي جعلسازي ذريعي ماڻهن کان پئسا گهرڻ جو انڪشاف ڪيو. جڏهن ته حڪومت آن لائين فراڊ خلاف ڪارروائي ۽ قانون سازي جو اشارو ڏنو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. ايوان ۾ ميمبرن جي گهٽ حاضري سبب جمعي واري ڏينهن سوالن وارو وقفو ملتوي ڪيو ويو. اجلاس دوران آن لائين فراڊ، قانون سازي، پي آءِ اي جي نجڪاري، ايوان جي نظم و ضبط ۽ شهري مسئلن سميت اهم معاملن تي بحث ڪيو ويو. آن لائين فراڊ بابت بحث دوران اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق ايوان کي آگاهه ڪيو ته اُن جي جعلسازيءَ سان آواز ٺاهي ماڻهن کان پئسا گهرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ شخص اعتماد جي بنياد تي فون ڪري تصديق ڪئي، جنهن کان پوءِ هي معاملو لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.