| اسپيڪر خلاف واويلا روڪيو : نثارکهڙو جو ڪارڪنن کي حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کھڙو سمورن پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي سوشل ميڊيا تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي رويي جي مذمت ڪرڻ ۽ بيان بازي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،هڪ بيان ۾ هن چيو ته مون 12 مئي بابت پيپلز پارٽي جو موقف ايوان ۾پيش ڪرڻ پي چاھيو، هن چيو ته اسپيڪر اويس شاهه سان سندس اختلافن ۽ پارٽي اندر ڌڙا بندي جو جيڪو تاثر ڏنو پيو وڃي، اهو غلط آهي۔ ڪنهن به عهدي تي ويٺل پ پ اڳواڻ پارٽي ڊسيپلين تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مسئلن تي پيپلز پارٽي جو موقف ڏيڻ ۽ پارٽي جو دفاع ڪرڻ سندس ذميواري آهي، جيڪا هو هر فورم تي هر حال ۾ ادا ڪندو رهندو، نثار کهڙو چيو ته پارٽي قيادت جنهن کي به ڪنهن به عهدي تي مقرر ڪري ٿي، انهي جي عزت ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي، پ پ ڪارڪن ڪنهن به منصب تي مقرر ڪيل ڪنهن به اڳواڻ جي سوشل ميڊيا تي مذمت يا بيان بازي ڪرڻ کان پاسو ڪن.