اسپيڪر پاران اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل شروع ڪرڻ جو اعلان

اسپيڪر پاران اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي اعلان ڪيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي۔ اهو معاملو اڳ عدالت ۾ هو، هاڻي نئين اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل شروع ڪرڻو پوندو۔ اسپيڪر پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو ضروري دستاويز جمع ڪرائين۔پي ٽي آءِ جي چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر چيو ته اُن جي 76 ميمبرن اڳ ئي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي هدايتن مطابق محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ لاءِ دستخط ڪري دستاويز اسپيڪر آفيس ۾ جمع ڪرائي چڪا آهن، تنهنڪري فوري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي۔ ان جي باوجود اسپيڪر جي هدايت تي هو فهرست ٻيهر به جمع ڪرائيندا۔