اسڪرين شاٽ تي موت سزا: توهين ڪيس مان 4 جوابدار بري

اسڪرين شاٽ تي موت سزا: توهين ڪيس مان 4 جوابدار بري

راولپنڊي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ توهين ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل چئن جوابدارن جي اپيل قبول ڪندي کين فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت چيو ته جيڪڏهن انهن ماڻهن خلاف ڪو ٻيو ڪيس ناهي ته انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. راولپنڊي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت 2023ع ۾ انهن جوابدارن کي توهين ڪيس ۾ موت جي سزا ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدارن ۾ فيضان رزاق، عثمان لياقت، وزير گل ۽ محمد امين رئيس شامل آهن. جسٽس جواد حسن ۽ جسٽس چوڌري سلطان محمود فيصلو ٻڌايو. وڪيل چيو ته سندس مؤڪل وزير گل نه رڳو قرآن جو حافظ آهي پر ٻارن کي قرآن سيکاري پنهنجي روزي به ڪمائي ٿو. مؤڪل هڪ واٽس اپ گروپ جو حصو هئا جنهن ۾ اهو مواد شيئر ڪيو ويو جيڪو مبينا طور تي مقدس شخصيتن جي بي حرمتي جي زمري ۾ اچي ٿو. واٽس ايپ گروپ جو هڪ ميمبر پهريان قابل اعتراض مواد شيئر ڪندو آهي، جنهن کان پوءِ ان کي ڊليٽ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ گروپ جي هڪ ميمبر کي مواد ٻيهر شيئر ڪرڻ لاءِ چوندو آهي. هن چيو ته ميمبر پاران مواد شيئر ڪرڻ کان پوءِ، هڪ اسڪرين شاٽ ورتو ويندو آهي ۽ مواد ٻيهر شيئر ڪندڙ ميمبر خلاف توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي. جسٽس جواد حسن ريمارڪس ڏنا ته عدالت ۾ صرف واٽس ايپ گروپ جا اسڪرين شاٽ پيش ڪيا ويا ۽ عدالت انهن اسڪرين شاٽس جي بنياد تي انهن چئن ماڻهن جي زندگين جو فيصلو ڪيو. جسٽس سلطان محمود ريمارڪس ڏنا ته هي سوشل ميڊيا جو دور آهي ۽ والدين کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ته انهن جا ٻار سوشل ميڊيا تي ڪهڙن گروپن جا ميمبر آهن ۽ اهي ڪنهن کي فالو ڪري رهيا آهن.