اسڪولن بجيٽ ته پري جي ڳالهه، 2 سالن کانپوءِ اسان وٽ چاڪ لاءِ به پئسا نه هوندا: سردار شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري وزير  سردار شاھ چيو آهي ته اسڪولن جي بجيٽ ته پري جي ڳالهه، 2 سالن کانپوءِ اسان وٽ چاڪ لاءِ به پئسا نه هوندا، ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان تعليم کاتي کي روزگار جو ذريعو بڻايو ته پوءِ الله ئي حافظ آهي، هينئر اسان جي پگهارن ۽ پينشن جي بجيٽ 92 سيڪڙو ٿي چُڪي آهي، باقي 8 سيڪڙو بچن  ٿا، جنهن مان ترقياتي ڪم ڪرايون ٿا،  2 سالن کانپوءِ اسان وٽ چاڪ جا به پئسا نه بچندا، هڪ سوال جي جواب ۾ تعليم جي وزير چيو ته نصاب کي اسان بهتر ڪيو آهي، يونيسڪو ٿرڊ پارٽي کان اسان جي نصاب جو جائزو وٺرايو هو، رپورٽ ۾ نصاب کي جامع قرار ڏنو ويو هو، نصاب ڪمزور هجي ها ته حيدرآباد جو اسڪول دُنيا جي 10 بهترين اسڪولن ۾ نه اچي ها، هن چيو ته آئون احتجاج تي ويٺل نوجوانن کي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته ڪنهن به ڀرتي جو مدو چار سال ناهي هوندو. پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جا 93 هزار آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي سربراهي ۾ جڙيل ڪاميٽي وڌيڪ ڀرتين بابت فيصلو ڪندي هن چيو ته هو نوجوانن جي روزگار جو مخالف ناهي ۽ نه ئي کيس اهو اختيار آهي ته اڪيلي سر سندن مستقبل بابت فيصلو ڪري. سمورا فيصلا ڪاميٽي ڪندي. هن ٻڌايو ته سائنس ٽيچرن جون 1200 جايون خالي آهن، جن لاءِ 8 هزار اميدوار پاس ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاسنگ مارڪس يا ٻين فني معاملن بابت فيصلو به ڪاميٽي ڪندي. اسپيسفڪ بجيٽ بابت هن چيو ته انهي جو مقصد اسڪولن کي خودمختيار بڻائڻ آهي ته جيئن فرنيچر ۽ ٻين بنيادي سهولتن جا مسئلا پيدا نه ٿين. هن ٻڌايو ته اسپيسفڪ بجيٽ بابت ڊي اي اوز طرفان من پسند وينڊر مقرر ڪرڻ ۽ ٽريزري سان لاڳاپيل شڪايتون مليون آهن. مون هيڊ ماسترن کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙين مداخلتن خلاف لکت ۾ شڪايتون داخل ڪيون وڃن، ذميوار عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن 100 کان وڌيڪ اسڪول ايڊاپٽ ڪيا  آهن، موهن جي دڙي مان نڪتل ڊانسنگ گرل بابت هن چيو ته اسان يونيسڪو سان  رابطو ڪيو  آهي. هن ٻڌايو ته 1947ع ۾ ٺهيل ڪاميٽي فيصلو ڪيو هو ته ڪنگ پريسٽ پاڪستان ۽ ڊانسنگ گرل انڊيا وٽ هوندي. هن چيو ته ڊانسنگ گرل جي واپسي لاءِ وفاقي حڪومت کي گڏيل قومن جي اداري ۾ ڪيس داخل ڪرڻو پوندو،