| اسڪول اسپيسيفڪ فنڊ استعمال ۾ دير، 80 ڪروڙ ليپس ٿيڻ جو خطرو، اينٽي ڪرپشن کي درخواست |
دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو جي 14 سئو اسڪولن لاءِ منظور ٿيل 80 ڪروڙ رپين جي بجيٽ خطري ۾ مبينا رشوت طلبي سبب اسڪول اسپيسيفڪ فنڊن جي استعمال ۾ دير، استادن پاران اينٽي ڪرپشن کي درخواست، دادو ضلعي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول بي اينڊ آر ڪالوني، گورنمينٽ پرائمري اسڪول شمس العلوم، گورنميٽ پرائمري اسڪول محمد بخش ڪورائي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول لعل بخش پنهور سميت 1400 پرائمري اسڪولن جي منظور ڪيل اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ جا لڳ ڀڳ 80 ڪروڙ رپيا مبينا بدانتظامي، سست رفتاري ۽ مبينا رشوت طلبي سبب خطري ۾ پئجي ويا آهن، جڏهن ته بجيٽ بروقت استعمال نه ٿيڻ سبب انهن فنڊن جي واپس ليپس ٿيڻ جا خدشا پڻ ظاهر ڪيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر ۽ استادن اينٽي ڪرپشن کاتي کي درخواست ڏئي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب تعليم کاتي پاران ضلعي دادو جي 1400 پرائمري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ تحت 80 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي هئي، جنهن مان ڪيترائي اسڪول فرنيچر، عمارتن جي مرمت، صفائي، پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ خرچ ڪرڻا هئا. پر بجيٽ جي عمل ۾ غير معمولي دير سبب ڪيترائي اسڪول اڃا تائين خسته حالي جو شڪار بڻيل آهن، ان ڏس ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول بي اينڊ آر جي هيڊ ماستر ساجد مستوئي پاران اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ الزام هنيو ويو آهي ته خزانه آفيس جو ڪجهه عملو مبينا طور پنهنجي ايجنٽن ذريعي بجيٽ جاري ڪرائڻ ۽ بل پاس ڪرائڻ لاءِ استادن ۽ هيڊ ماسترن کان ڪميشن ۽ رشوت طلب ڪري رهيو آهي، جنهن سبب استادن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. درخواستگذار ساجد مستوئي پاران درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪولن جي سمورين قانوني ۽ انتظامي گهرجن جي پورائي باوجود بجيٽ جا عمل مڪمل نه پيا ڪيا وڃن، جنهن ڪري ترقياتي ڪم رڪجي ويا آهن. ذريعن موجب اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ مان لڳ ڀڳ 47 ڪروڙ رپيا اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن، پر باقي فنڊن جي استعمال ۾ دير سبب انهن جي ليپس ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، هيڊ ماستر ساجد مستوئي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ واپس هلي وئي ته ضلعي جا اسڪول سخت متاثر ٿيندا ۽ هزارين شاگرد بنيادي سهولتن کان محروم رهجي ويندا. هن چيو ته استادن پاران فنانس ڊپارٽمينٽ، ضلعي انتظاميا، تعليم کاتي جي اعلي اختيارين ۽ اينٽي ڪرپشن ادارن کي پڻ شڪايتون موڪليون ويون آهن ته جيئن معاملي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.ٻئي طرف تعليمي ۽ سماجي حلقن وسيم کوکر، محمد بخش ڪورائي، افشان ڪورائي ۽ ٻين پڻ ان معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن تعليم لاءِ منظور ٿيل فنڊن ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون ته ان جا سڌا اثر غريب ۽ پٺتي پيل علائقن جي شاگردن تي پوندا. هنن مطالبو ڪيو ته اسڪولن جي بهتري لاءِ منظور ٿيل بجيٽ کي جلد کان جلد شفاف نموني استعمال ۾ آندو وڃي ۽ مبينا رشوت طلبي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي